آخر ڇا جي لاءِ #SindhRejectsForcedConversions کي سپورٽ ڪئي؟ هڪ صحافي جي حيثيت سان مان پاڻ کي ايڪٽويزم کان پاسيرو ڪندي رهي آهيان پر زوريءَ مذهب تبديلي تي مان ڪيترن سالن کان رپورٽنگ ڪندي پئي اچان ۽ ڪيسن کي انتهائي ويجهو ڏٺو آهي.
1/2
سوال ته ڪيس صرف سنڌ ۾ ٿين پيا؟
- مختصر جواب آ ته زوريءَ مذهب جا ڪيس پوري پاڪستان پنجاب ۽ گلگتبلتستان ۾ به ٿين ٿا. سنڌ ۾ اسان انهن ڪيسن کي رپورٽ ڪيون پيا ۽ هي ڪيس سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ به ٿين ٿا
#SindhRejectsForcedConversions
ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌ ۾ هڪ حڪمت عملي سان زوريءَ مذهب کي اُڀاريو ويو آهي. ننڍي عمر جي نڄاڻين کي مذهب تبديل ڪرايو پيو وڃي جيڪي ووٽ ڏيڻ نه ٿيو ڏئي سگهن پر هڪ مذهب کي سمجهن ٿيون ۽ وري ڪنهن وڏي عمر واري سان شادي به ڪن ٿيون
#SindhRejectsForcedConversions
ان کي واضح ڪندي هلان ته هن وقت تائين جيڪي به وڏي عمر وارا همراه ڇوڪرين کي اغواه يا برين واش ڪرڻ ۾ اڳتي آيا آهن
#SindhRejectsForcedConversions
هي ڪي شهزاده ناهن ۽ هتي وڏي ڪلاس جون ڇوڪريون به کڏيون آهن. اسان وٽ الميو اهو آهي ته هندو نارين جي زوريءَ مذهب تبديلي جي هڪ موسم هلي پوندي آهي جيڪڏهن ڪيسن کي غور سان ڏسو ته پهرين چوندا ناري ڇوڪري سان شادي ڪرڻ پئي چاهي
#SindhRejectsForcedConversions
۽ جڏهن ننڍي عمر جي ڳالهه ايندي ته پوءِ چوندا ته ناري اسلام کان متاثر ٿي ڪري مذهب تبديل ڪيو آهي. انهن کان پهرين ڪري وڃي اهو پڇي ته ٻيلي موقف ته واضح ڪريون.
ننڍي عمر جو قانون مسلم ناري تي لاڳو ٿيندو پر غير مسلم ناري تي لاڳو نه ٿيندو
#SindhRejectsForcedConversions
ڪراچي مان ننڍي ڄمار جي عيسائي ناري ۽ جيڪب آباد مان ننڍي ڄمار جي هندو نارين جا ڪيس اسان سڀني جي سامهون آهن والدين جي هٿن ۾ ثبوت هوندي به عيسائي ناري کي ان جي وڏي ڄماري واري سان وڃڻ ڏنو ويو ۽ جيڪب آباد ۾ ناري کي دارالعمان موڪلي ڇڏيو.
#SindhRejectsForcedConversions
سنڌ حڪومت هن وقت تائين زوريءَ مذهب تبديلي تي بل پاس ناهي ڪرائي سگهي ۽ هتي چيو وڃي ٿو سبب برابر آهن جتي ڪنهن درد تي آواز برابري سان نه اُٿن اتي حق ڪٿي برابري سان ملندا.
زوريءَ مذهب ڪري هندو فيمليز تي ڇا ٿو گذري انهن جي دل کان وڃي پڇو؟
#SindhRejectsForcedConversions
جيڪي اهو چون ٿا ته زوري مذهب پروپيگنڊا آهي ته پوءِ ملڪ جي وزيراعظم ۽ ٻين اڳواڻن جا بيانا پڙهي وٺو جن ۾ اهو اقرار ڪن ٿا ته زوري مذهب جي لاءِ قانون سازي ٿيڻ گهرجي. هتي مسئلو اهو آ ته غير مسلم نارين جي درد کي محسوس ئي ناهي ڪيو ويو.
#SindhRejectsForcedConversions
هتي آخر درگاهن کي اٿارٽي ڇا جي لاءِ ڏني وئي آهي ته اهي مذهب تبديل ڪن؟ جڏهن عدالتون اڻسڌي طرح مذهب گروهن جي قدمن کي سپورٽ ڪنديون مثلن ناري گهر وڃڻ چاهي ته چيو ويندو ناري پريشر ۾ آهي ۽ خاموش رهي ته مذهب گروهه ڏانهن موڪليو ويندو.
#SindhRejectsForcedConversions
ڇا اسان کان رنڪل ڪماري ڪيس وسري ويو ته سپريم ڪورٽ جو ڪردار ڪهڙو هو؟ تازو مثال وٺو جيڪب آباد جو ناري والدين سان وڃڻ پئي چاهيو ۽ عمر به ثابت ٿي ته ننڍي آهي. ان ۾ ڇا ٿيو؟ مذهب گروپ اڳيان آيون ۽ عدالت ناري کي درالعمان موڪلي ڇڏيو.
#SindhRejectsForcedConversions
ان کي زوريءَ مذهب جو نالو نه ڏيون ته ڇا چوندوء؟
انساني حق سڀني لاءِ برابر آهن ان کي عملي جامو به پارايو باقي ڳالهيون هزارين عمل نه رڳو.
جس هجي انهن کي جن ٽرينڊ هلايو ۽ آواز اُٿاريو.
هاڻي حڪومت کي قانون سازي ڪرڻ گهرجي.
#SindhRejectsForcedConversions