اچو سنڌي ٽويٽر کي هڪ ڪٽنب جيان بڻايون، جيئن هڪ ڪٽنب ۾ هر ڪنهن جي ڌار سياسي، سماجي وابسطگي هئڻ باوجود هڪ ٻئي جي راءِ جو احترام ڪندي گڏ رهندا آهيون، هڪ ٻئي جي سوچ مختلف هئڻ باوجود هڪ ٻئي سان پيار محبت سان رهندا آهيون، ته پوءِ ڇو ممڪن ناهي ته اسان هن عالمي پليٽ فارم تي سنڌي هڪ ٿيون!
اسان جي ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڙهڻ ۽ ايتري قدر جو اختلاف راءِ بدران ذاتيت تي اچي وڃڻ ۽ خاص طور تي هڪ ٻئي سان بحث دوران لفظن جي مناسب چونڊ نه ڪرڻ سبب اسان دنيا کي ڏيکاريون ٿا ته اسان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڪيئن ورتاءُ ڪندا آهيون، ته انهن ننڍين ننڍين ڳالهين کي درگذر ڪنداسين ته سٺو تاثر++
قائم ڪري سگهنداسين ۽ پوءِ دنيا جي نظرن ۾ اسان جي راءِ جي ڪا اهميت به هوندي، باقي جيڪڏهن سڄو ڏينهن ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڙهه وڙهان ۾ هونداسين ته اسان جي پت وائکي ٿيندي رهندي ۽ پوءِ اسان جي اجتماعي مفاد جي معاملن تي جڏهن اسان ڪو آواز اٿارينداسين ته ان تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويندو++
جنهن جو سڌو سنئون نقصان اجتماعي هوندو، اهو اجتماعي نقصان ان ويڙهه جو حصو نه هوندڙن جي حصي ۾ به ايندو، سو خاص طور تي جڏهن پاڻ ۾ ڪنهن معاملي تي ڪو اختلاف ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه به ٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ لفظن جي چونڊ پارلياماني هوندي تڏهن به نقصان گهٽ ٿيندو ۽ اهو معاملو++
نبيرڻ لاءِ ڪو اڻ ڌريو ماڻهو وچ ۾ به پوندو، پر جيڪڏهن ٻه ماڻهو گار گند واري ٻولي استعمال ڪري رهيا هوندا ته ٽيون ماڻهو ڪڏهن به انهن جي وچ ۾ پوڻ جي همت نه ڪندو، ڇو ته ان کي خبر آهي ته جيڪڏهن هو وچ ۾ پيو ته انهن گارين جي نشاني تي به اچي ويندو، جيڪي في الحال ڪن ٻن ماڻهن وچ ۾ آهن++
مان ڪو دانشور يا اديب ته ناهيان.. ۽ نه ئي وري ڪو ايترو وڏو ڏاهو آهيان جو اوهان کان وڌيڪ زندگيءَ جي معاملن کي ڄاڻندو هجان.. پر پنهنجي زندگيءَ جي تجربي جي آڌار تي ايترو ضرور چوندس سنڌيءَ ۾ چوڻيون آهن ته ”ڪنهن کي ڏجي نه ته ڏکوئجي به نه“ ۽ ”آپ چڱو ته جڳ چڱو“.!
سنڌ سلامت، ساٿ سلامت

• • •

Missing some Tweet in this thread? You can try to force a refresh
 

Keep Current with Jabbar Pirzado

Jabbar Pirzado Profile picture

Stay in touch and get notified when new unrolls are available from this author!

Read all threads

This Thread may be Removed Anytime!

PDF

Twitter may remove this content at anytime! Save it as PDF for later use!

Try unrolling a thread yourself!

how to unroll video
  1. Follow @ThreadReaderApp to mention us!

  2. From a Twitter thread mention us with a keyword "unroll"
@threadreaderapp unroll

Practice here first or read more on our help page!

More from @SahilSindhii

15 Sep
ذاتي انائن کي ايترو اوچو نه ڪيو جو، اوهان جو ڪنهن غلط موقف تي ضد ڪنهن ٻئي جي زندگيءَ ۾ بگاڙ جو سبب بڻجي وڃي، غلط شين جي پروموشن غلط مستقبل ڏانهن ئي وٺي ويندي..پنهنجي ذاتي انائن کي پاسي تي رکي اجتماعي مفادن کي اوليت ڏني وڃي++
اهڙين شين کي روايت نه بڻايو وڃي، جيڪي سڀاڻي اسان جي نياڻين جي اڳتي نڪرڻ ۽ هاسٽلز تائين رسائي ۾ رڪاوٽ بڻجن، اڳ ئي سنڌ جي نياڻي کي پٿراون پيچرن تان گذرڻو پوندو آهي، ويتر جيڪڏهن روشن خيالي جي آڙ ۾ غلط روايتن کي پروموٽ ڪيو ويو ته انهن لاءِ اڳتي اچڻ ۽ تعليم پرائڻ ويتر مشڪل ٿي ويندو++
اوهان جي زندگي آهي، جيئن وڻي تيئن جيئو، جيئن دل چاهي تيئن ڪريو، ان کان اوهان کي ڪوئي نٿو روڪي ۽ روڪڻ به نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اوهان کي اها سهولت ۽ اعتماد ميسر آهي، پر ٻيلي انهن شين جي پروموشن نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته حالتون سڀني نياڻين لاءِ هڪ جهڙيون ناهن، ايئن نه ٿئي جو اوهان جي ڪنهن++
Read 7 tweets
4 Sep
Thread
Space..
Everyone need space from tiring routine and things, and then we want escape through Social media, though we have many platforms to Socialize ourselves but here on Twitter; we have recently got an option of Twitter Spaces..++
Which we are using to escape from our anxiety and routine issues, every one has it's own perspective to be part of any space..But there is an issue I am noticing from few days that Hosts, Speakers and Listeners of some spaces are complaining about hijacking their gathering++
So it comes also in how abouts of the use of Spaces, we have to learn it, firstly while entering any space we have to understand the way topic is going, either participants are just having fun, or it is any Social topic which is being discussed.! We can't just jump in it!++
Read 6 tweets
3 Sep
ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، جِيئَن لُھارَ لَپيٽِيو؛
مُنھِنجو جِيُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪَيو.

#شاھ
#حق_موجود
يارُ سَڏائي سَڀُڪو، جانِي زِبانِي؛
آھي آسانِي، ڪَمَ پِئي ٿِي ڪَلَ پَوي.

#شاھ
ڪاڪِ نہ جَهلِيا ڪاپَڙِي، موھيا نہ مَحلَنِ؛
ٻايُنِ ۽ ٻانِهيُنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجَهنِ؛
لکين لاھوتِينِ، اَھڙِيُون اورِيان ڇَڏِيُون.

#شاھ
Read 5 tweets
2 Sep
ڌاڳو
خوبصورتي..!
اوهان جي نظر ۾ خوبصورتي ڇا آهي..! ڇا خوبصورتي ظاهري ڏيک ويک کي چئجي ٿو.. يا خوبصورتي هٿرادو/مصنوعي بناوٽ کي چئجي ٿو..! منهنجي خيال ۾ نه.. منهنجي خيال ۾ فطري خوبصورتي ئي حقيقي خوبصورتي آهي ۽ اها ڏسڻ واري جي اک تي منحصر آهي.. هر ڪنهن جي پسند ناپسند مختلف هجي ٿي++
جيڪا شئي، جيڪو نظارو، جيڪو ماڻهو مون کي پسند اچي ٿو يا مون کي خوبصورت لڳي ٿو.. ضروري ناهي ته اهو سامهون واري لاءِ به اوترو ئي پرڪشش هجي.. اهو ڏسڻ واري جي پرسپيڪٽو تي هجي ٿو ته اهو ڪهڙي نظريي کان ان شئي، نظاري يا ماڻهو کي خوبصورت سمجهي ٿو.. هڪڙي خوبصورتي اندروني، باطني، لڪيل++
هجي ٿي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ اک به اندر جي هجي.. ٻي خوبصورتي ظاهري هجي ٿي، جيڪا هر ظاهري اک سان ڏسي سگهجي ٿي.. هاڻي اچون ٿا باطني ۽ لڪيل خوبصورتي تي اها خوبصورتي ڏسڻ واري جي پرسپيڪٽو ۽ حالتن تي هجي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن اسان کي ڪو مظلوم بدصورت ماڻهو به ان لاءِ وڻي سگهي ٿو ته اهو ان پيڙا ۾++
Read 11 tweets
31 Aug
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙي، بابُو بيکاري؛
سامِئَ سيلو سِرَ تي، مالا موچارِي؛
ڏيئِي ڏيکارِي، ڦَٽي دِلِ فَقِيرُ وِيو

#شاھ
ڪالهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جَھڙو ماھ مُنِيرُ؛
فَيضُ، فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِيو.

#شاھ
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھرَ سِجَ کان پوءِ؛
پَسو سُونھن ساميءَ جي، رَتَ وَرنو روءِ؛
جو مُنھن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھن مَسَ ٿِئي.

#شاھ
Read 7 tweets
31 Aug
ادا اوهان کي اهو ڪنهن چيو ته اسان سنڌين کي احساس ڪونهي
احساس آهي، تڏهن ته پناهگيرن بابت عالمي قانون تي عمل ڪري، انهن کي سرحدن تي پناهگير ڪئمپن ۾ رهائڻ جي ڳالهه ٿا ڪريون، جيڪڏهن شهرن جو رخ ڪن ٿا ته پوءِ اوهان جهڙا ڏاها ئي ريسرچ پيپر ڏيکاري چون ٿا سنڌ ۾ پناهگيرن جو انگ گهٽ آهي++
پناهگير ڪئمپن ۾ رهائي، انهن کي رجسٽر ڪيو ويندو ته حقيقي انگ جي خبر پوندي نه، باقي ريسرچ ڪندڙ تنظيمون گهر گهر وڃي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاچي ته تحقيق ڪو نه ڪنديون آهن، اهي صرف رجسٽرڊ سرڪاري انگن اکرن ۽ ميڊيا جي نيريشن کي ڪوٽ ڪنديون آهن، سو اوهان واري سو ڪالڊ نيشنل ميڊيا جو ڪردار ڪنهن کان++
مهرباني ڪري ٿورو عقل کان ڪم وٺو، اهڙن ئي وقتن تي انسان جي ڪردار جي پرک ٿيندي آهي، ڇو اوهان پنهنجي سڄي عمر جي ڪمائي اهڙن بيانن سان ضايع ڪرڻ ٿا چاهيو، جيڪڏهن انهن پٺيان اوهان جا مادي مفاد آهن به ته اهي گهڻا ڏينهن مفاد ماڻيندا اوهان، رهڻو ته اسان منجهه ئي آهي، پوءِ روين کي منهن++
Read 4 tweets

Did Thread Reader help you today?

Support us! We are indie developers!


This site is made by just two indie developers on a laptop doing marketing, support and development! Read more about the story.

Become a Premium Member ($3/month or $30/year) and get exclusive features!

Become Premium

Too expensive? Make a small donation by buying us coffee ($5) or help with server cost ($10)

Donate via Paypal Become our Patreon

Thank you for your support!

Follow Us on Twitter!

:(