شاھاڻي Profile picture
Aug 14 19 tweets 5 min read Read on X
مون تي خودھڪ ڪيس الف123پ پ ڪ ھيٺ ٿيوھيو جو پاڪستان خلاف بغاوت سبب ڪيوويندو آھي۽جو مون کان اڳ رڳو خان عبدالغفارخان تي ٿيوھيو
ان وقت سکرجي ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنرميٽنگ ۾ فيصلوڪيوھوته ھي وٺ ۾ نه ٿو اچي ۽ ھن کي ڪائي سکيت ڏني ڏني وڃي پوليس مون تي بغاوت جي ايف آئي آر لکي جانچ شروع ڪئي ھئي. Image
ھڪ سنڌي سي آئي ڊي واروجنھن جي جيئي سنڌتحريڪ سان دلچسپي هئي۽جوپنھنجي بالاعملدارن سان سخت ناراض ھوڇوته اھي سڀ غيرسنڌي ھيا تنھن مون کي آفيس ۾ اچي ٻڌايو ته"سازش سٽي وئي آهي ته اوھان کي ھٿ ڪڙيون ھڻي ساري سکرشھر۾ پيرين پنڌگھمايووڃي،جيئن ماڻھواوھان مان بدظن ٿين ۽تنھنجي وڪالت ختم ٿي وڃي"
ان وقت نور خان اولھ پاڪستان جو گورنر ھيو، جنھن سان، سائين جي ايم سيد جو ڪافي رستو ھيو ۽ مون کي پتو پيو ھيو ته
سائين ھن وٽ لاھور وڃڻ وارو آھي سي آئي ڊي واري کي رخصت ڪري مون چيو ته
"فڪر نه ڪر مان معاملي کي سنڀالي وٺندس، تون مون کي خبر ڏجان ته
ھو مون کي گرفتار ڪڏھن ٿا ڪن"
+
ھو ويو ته مون ھيٺيون پارسي جو شعر جهونگاريو
به جرم عشق تو ام ميکُشند و غوغا ايست
تونير برلبِ بام آکہ خوش تماشا ايست

مون سائين جي ايم سيد کان پڇيو ته ھو سن ۾ ھوندو،جي مان ٻئي ڏينھن تي اچان
ھن چيوته "ڀلي ھلي آء"
مون تن ڏينھن۾ نئين ٽويوٽا ڪارونا ڪار ورتي ھئي
مان ڪار۾ دادو ڪئنال تان
دادو ڪئنال تان اڍائي سؤ ميل سفر جا ڪري سن پھتس
رستي تي ٻنھي پاسي ڪافي نم، سرنھن ۽ ڪنڊي جا وڻ ھيا ۽ ڇانورڙي ۾ بند تي ڳيرا گھگو گُھو ڪري رھيا ھيا ڪبوتر ۽ ڪانو اڏامي رھيا ھيا ۽ ڪجھ موسمي پکي پاڻي تي تري رھيا ھا
ڪڏھن ڪوڪڙا ٽن جا ولر ھوا ۾ ڦيراٽيون ڏئي ڪنھن وڻ تي وڳر ڪري ٿي ويٺا
مون +
مون سوچيو:پکي کي ڪار جي ضرورت نه آهي ھو ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين اٌڏاري ڏئي وڃي ٿو
ارتقا ۾ انسان وڃايو گھڻو آھي،پاتو ٿورو آھي

ٻه پھري مھل سائين جي ايم سيد وٽ پھتم
ھو اوطاق ۾ موجود ھو ۽ وڏي شفقت سان ڀاڪر پاتائين
ھُن پھريون سوال پڇيو:"ھي ڪار ھاڻي ورتي اٿئي ڇا؟"
مون چيو:اڳين شِورليٽ
شِورليٽ اڃا وڪي ناھي پر اٌھا سن جي ڊگھي سفر جي قابل نه ھئي
ان کان پوء سائين جي سامھون کٽ تي ويٺس پاڻ ماني نه کاڌي ھيائون
جا يڪدم اچي وئي.سيد جو دسترخوان ڪشادو آھي
مومن مليرائي نالي ھڪ شاعر به موجود ھو جنھن سان سائين چرچا ڳهٻا ڪري دل وندرائيندو ھو
ھو جي ايم سيد جو ملان دوپيازو ھو+
ماني کان پوءمون جي ايم سيد کي چيو ته:اوھان سان خلوت ۾ ڳالھائڻو آھي
ھن مومن کي چيوته ڪجھ پري پيل ڪرسين تي وڃي ويھي
ان وقت مان جي ايم سيدجي جيئي سنڌتحريڪ جوساڄو هٿ ھوس
۽ ھن مون سان ھڪ ٻه ڀيرا ان ڳالھ جو اظھارڪيوھوته کائنس پوء مان جيئي سنڌ تحريڪ جي سرواڻي سنڀاليان
پرمون ھن کي روڪيو+
روڪي چيوھيو:خدا اوھان کي سوورھيه کان مٿي حياتي ڏيندو۽
تيستائين جيئي سنڌتحريڪ پنھنجي منزل مقصودتي رسي ويندي.
مون ھن کي مٿين سازش جي باري ۾ ٻڌائي چيو:سائين!مون کي گرفتاري ياڪيس جوڀَوءُ نه آھي مان خودقانون ڄاڻان
۽اھوبه ڄاڻان ٿوته سکرجا احمق پوليس وارامون تي ڪھڙومضبوط ڪيس ٺاھي سگھندا
ان جي مون کي ڪائي پرواھ نہ آھي،پر ھي جيڪا سازش رٿي وئي آھي
اھا منھنجي وڪالت کي ختم ڪرڻ لاء آھي اوھان ڄاڻو ٿاته
مان جيڪي جيئي سنڌ تحريڪ لاءڀڄ ڊوڙ ۾ خرچ ڪريان ٿو ان لاء پيسو وڪالت جي ذريعي ٿوڪمايان
اوھان نور خان سان ...
يڪدم ھن مون کي ڪَٽي چيو:مان پرينھن نورخان سان ملڻ لاھور ويندس+
چڱو جو تو اھا مون کي ڳالھ ڪئي.
تون فڪر نه ڪر.
مان ھن کي چوندس تہ ايس پي کي فون ڪري ۽ توتي ڪيس چالان نه ڪيو وڃي.
مون رات جي ايم سيد وٽ گذاري. ماتلي وارو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي به اچي نڪتو.
جو سائين جو وڏو معتقد ھو.ھن پھرين سنڌي فلم ايڪتا ٺاھي ھئي ۽ ان ۾ ھيرو جو رول به ڪيو ھيائين.
+
ھن پوءپنھنجي ڊگھي آتم ڪھاڻي ڪيئي ڪتاب جي نالي سان لکي،جاابراھيم جوئي جي اتساھ ڏيڻ تي ڇپرائي وئي
جڏھن مان وائيس چانسلرھوس جنھن ۾ڪنھن مرحوم رئيس کي برغلائي منھنجي خلاف ڪجھ لکرايوھو،جوبلڪل صحيح ڪونه ھو(بدفطرت۽شيطان صفت انسان ممڻ مچائڻ۾خوش ٿينداآھن،پرمان وس پڄندي کين وٿي نه ڏيندوآھيا
ڪريم بخش نظاماڻي سان مون اھا رات ناوونوش ۾ گذاري ۽ ھو دف تي واري سان ايڏي زور سان ڌڪ ھڻي رھيو ھو
جو منڇر تان سڀ آڙيون سائبيريا اٌڏامي ويون ھونديون.
ان رات مون کي جي ايم سيد چيو: ھي خط دادؤ ۾ علڻ خان لغاري کي ڏيندو وڃجانءِ
مون دادو ۾ علڻ خان کي سيد جو خط ڏنو،
جو ھن يڪدم پڙھيو ۽
+
ٻپھري جي ماني ۾رڌل آڙيون۽ نان کارايا
ھفتي کن کان پوءمان ٻيھرسکرمان جي ايم سيد وٽ موٽي آيس
ھٌن پھريون سوال ته اھوپڇيو
علڻ خان کي منھنجوخط ڏنو ھٌيئہ؟
ھائو
ھن توکي ماني کارائي
ھائو
ماني چڱي ھئي؟
ھائو
سائين تي ڄڻ بھشت جي ھيرجو جھلڪو لڳو۽ڄڻ ڪوثر يا تسنيم جي ڪناري ڪنھن گل وانگرٻھڪڻ لڳو
ھاڻي مون بنا ڪنھن تمھيد جي ھٌن کان سوال پڇيو:
سائين اوھان نور خان سان مليا ھٌيا؟
ھائو
اوھان ھٌن سان منھنجي باري ۾ ڳالھايو ھو؟
سائين:
"مان ھُن وٽ چوويھ ڳالھايون کڻي ويو ھوس
اڃا يارھين ڪيم ته مانئَ جو وقت ٿي ويو.
ھن چيو ھَل ته ھلون، ماني کائون باقي مسئلا ٻئي ڀيري حل ڪنداسين"
+
انھن يارھين ڳالھين ۾ منھنجي بہ ڳالھ ھئي؟

نہ
تنھنجي ڳالھ اڃا ھٌن سان ھاڻي ڪرڻي ھئي.

ايتري ۾ ماني اچي وئي روزئَ کي ڪيئن ٿو ٺڪرائي سگھجي!
ھي سنڌ آھي.
ھتي ڌرتي ماتا چوڻ وارا بيوقوف آھن.
روٽي ماتا حقيقت آھي
مون به ٻه چار گرھ زھر مار ڪري کاڌا ۽ سائين کان موڪلايو.
ايتري ۾ وڃين ٿو!
+
پٺتي منھنجي زال ۽ ٻار اڪيلا آھن. معلوم نه آھي ته سرڪار ڪھڙو قدم کڻي
ھو مون کي پنھنجيءَ ڪار تائين ڇڏڻ آيو ۽
في امان الله چئي ڀاڪر پائي موڪلايائين.
مار ڪار ۾ چڙھي سکر روانو ٿيس.
مون کي ايتري ذھني ڪوفت ٿي جيڪڏھن ڪوئي ڇاتئَ ۾ ڇرو ھڻي ھا ته نه ٿئي ھا.پر،سن جي سائين کي مون ميار نه ڏني.
رستي تي خدا اوچتو گھٽائون مٿان آسمان تي سائبان وانگر لڳائي ڇڏيون.
۽ سکر تائين نه اٌس نڪتي، نه بوندا باري ٿي.
قدرت جو ھٿ سارو وقت منھنجي مٿي تي ھو. مون مرڪي مٿي ڏٺو.
مون کي يقين ٿي ويو ته دنيا جا، حاڪمِ وقت، جي رڳو ھڏا ٿي وڃڻا آھن.
+
منھنجو ڇا بگاڙي سگھندا؟
مان آمري کان وڌيڪ امر آھيان!
ڀلي سيد منھنجي ٻانھن مان ھٿ ڪڍي وٺي، مون کي لھر لوڏو نہ آھي.
مان ته سمنڊ آھيان، مون لاء لھرن ۽ لوڏن جي جي ڪھڙي حقيقت آھي!
باقي احوال ساھيوال جيل جي ڊائري ۾ آھي.


۔

• • •

Missing some Tweet in this thread? You can try to force a refresh
 

Keep Current with شاھاڻي

شاھاڻي Profile picture

Stay in touch and get notified when new unrolls are available from this author!

Read all threads

This Thread may be Removed Anytime!

PDF

Twitter may remove this content at anytime! Save it as PDF for later use!

Try unrolling a thread yourself!

how to unroll video
  1. Follow @ThreadReaderApp to mention us!

  2. From a Twitter thread mention us with a keyword "unroll"
@threadreaderapp unroll

Practice here first or read more on our help page!

More from @shahaanii

Feb 12, 2017
دو بار طلاق دینے کے بعد یا تو دستور کے مطابق روک لینا ہے
یا اسکو حسن سلوک کے ساتھ
چھوڑ دینا ہے،
++
#طلاق
اورتمہارےلیےاس(مہر یا ہبہ)سےکچھ بھی لیناجائزنہیں ہےجوتم انکودےچکے ہومگرجب دونوں فریقوں کویہ خوف ہوکہ وہ اللہ کی حدودکو قائم نہ رکھ سکیں گے+
سو (اےمسلمانو!)اگر تمہیں یہ خوف ہو کہ یہ دونوں اللہ کی حدود قائم نہ رکھ سکیں گےتو عورت نے جو بدل خلع دیا ہے اس میں کوئی حرج نہیں ہے
+
#طلاق
Read 22 tweets

Did Thread Reader help you today?

Support us! We are indie developers!


This site is made by just two indie developers on a laptop doing marketing, support and development! Read more about the story.

Become a Premium Member ($3/month or $30/year) and get exclusive features!

Become Premium

Don't want to be a Premium member but still want to support us?

Make a small donation by buying us coffee ($5) or help with server cost ($10)

Donate via Paypal

Or Donate anonymously using crypto!

Ethereum

0xfe58350B80634f60Fa6Dc149a72b4DFbc17D341E copy

Bitcoin

3ATGMxNzCUFzxpMCHL5sWSt4DVtS8UqXpi copy

Thank you for your support!

Follow Us!

:(