ڀٽي صاحب پاڪستاني قوميت جي طرفداري ڪندي بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ باقي بچيل ملڪ کي آئين ڏنو , ائيٽم بم ڏنو , جنرلن جي چوڻ تي بلوچستان جو آپريشن ڪيو. سواءِ حياتي جي آخري ٻن سالن جي سدائين پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي تائيد رهيس. #HBDSainGMSayed
سيد روز اول کان سنڌي قوم جي مفادن جي طرفداري ڪندي 1945 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ان ڪري ڇڏي جو اها سنڌ کي آل انڊيا مسلم ليگ جي مفادن جي تابع هلائڻ چاهي.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مسلسل سنڌ جي قومي سڃاڻپ مڃرائڻ ۽ سنڌ جي سياسي اقتصادي ثقافتي مفاد لاءِ هر حڪمران سان ٽڪر کاڌي #HBDSainGMSayed
.
سيد برطانوي توڙي پاڪستاني هر اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو ڪنڊو رهيو.
سيد جي زندگي ۽ فڪر سمجهڻ لاءِ اوهان کي سڀ کان اول اهو سمجهڻو پوندو ته قومي مفاد ڪهڙي جهرڪي جو نالو آ #HBDSainGMSayed
.
جي اوهان به سيد جيان سنڌين کي قوم سمجهو ٿا ته پوءِ سيد اوهان کي سنڌ جي قومي مفادن لاءِ ها حياتي پتوڙيندڙ ۽ پروڙيندڙ رهبر لڳندو.
جي اوهان مسلم قوميت وغيره جي فلسفي تي يقين رکو ٿا ته سيد اوهان کي غدار لڳندو وغيره وغيره #HBDSainGMSayed
.
ڪي ماڻهو اسان توهان لاءِ خراب پر ٻين لاءِ هيرو هوندا آهن. ۽ جيڪي اسان لاءِ هيرو ۽ رهبر سي ٻين لاءِ ولن هوندا آهن. اصل ڳاله اها آهي ته اوهان کيس ڪهڙي نظرئي جي چشمي يا perspective سان ڏسو ٿا #HBDSainGMSayed
.
• • •
Missing some Tweet in this thread? You can try to
force a refresh