اسلام آباد پاران سنڌ ۾ ڪشميرن کي وَسائڻ (آبادڪڻ) جا سانباها ڪڏھن کان پئي ٿيا ان جي سڌ ناھي،پر ڳالھه تڏھن ڦاٽ کاڌو جڏھن سنڌ لينڊ يوٽيلائيزيشن صوبي جي مڙني ڊپٽي ڪمشنرن کي سرڪاري خط وسيلي لاڳاپيل ضلعن۾،ڪشميري پناهگيرن کي وسائڻ لاءِ زمين جي موجودگي لاءِ پڇيو. #NoMoreRefugeesInSindh
ڪشميري پناهگيرن کي سنڌ ۾ وسائڻ لاءِ، سنڌ لينڊ يوٽيلائيزيشن/بورڊ آف ريونيو پاران لکيل خط جي جواب ۾ ، ڊپٽي ڪمشنر سجاول، جاتي/شاھ بندر جي سامونڊي پَٽ ۾ 6 ھزار ايڪڙ واندي ھجڻ جا انگ اکر اماڻي پڻ ڏنا
جيتوڻيڪ مراد علي شاهه ڪشميرين جي صوبي ۾ اھڙي آبادڪاري کي اخباري بيان وسيلي رد ڪري ٿو. پر ٻئي پاسي قانوني/آئيني ماھر بئريسٽر ضمير گھمري موجب صوبي جو ڪوبه ڪامورو، وڏي وزير جي ھامَ کانسواءِ وفاقي سرڪار جي حڪمن کي اڳتي /ھيٺ لاڳو نٿو ڪري سگھي.
وفاقي سرڪار جي ڪشمير وزارت پاران ٿيل اجلاس جي جاري ڪيل متن ۾ پڻ اھو ڄاڻايو ويو آھي ته ڪشميري پناهگيرن کي پنجاب، ڪي پي ۽ سنڌ ۾ وسايو ويندو ۽ کين گذاري لاءِ ٻنيون پڻ ڏنيو وينديون جنھن ۾ سنڌ جي بورڊ آف ريونيو جو ميمبر پڻ اھڙي ميٽنگ جو ڀاڱو رھيو آھي.
ھڪ پاسي سنڌ سرڪار جو نمائندو اسلام آباد ۾ رٿيل ڪشميري پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ بابت گڏجاڻين ۾ شرڪت پيو ڪري ته ٻئي پاسي وڏو وزير ان ڳالهه کي باسي ئي نٿو.سنڌ سرڪار جي اھڙي ھلت/ٻيائي تي عوام سخت ڪاوڙيل آھي ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ ڌاري آبادڪاري خلاف سوشل ميڊيا تي ساندھ احتجاج ڪري رهيو آھي.
سنڌ ۾ ڌارين کي وسائڻ نئين ڳالهه ناھي.پاڪستان ٺھڻ سان صوبي منجھ ڌارين جا ڪٽڪ ھڪ رٿابندي ھيٺ اچي آباد ٿيا
ته جيئن سنڌين کي اقليت ۾ مٽائجي.2018 جي آدمشماري پٽاندڙ صوبي جا 62 سيڪڙو ماڻھون سنڌي وڃي بچيا آھن جڏھن ته 20 سيڪڙو،ھندڪو/پنجابي/ڪشميري سرائيڪي،بنگالي،بھاري،برمي ۽ ٻيا رھن ٿا.
سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري نه رڳو ڌرتي ڌڻين جا معاشي حق ڦٻائي ٿي پر ڌارين جو وڌندڙ انگ سياسي حق پڻ کسڻ لاءِ آتو ويٺو آھي.ورھاڱي پڄاڻان نه رڳو سنڌين کان شھر کسجي ويا پر ٻولي پڻ وئي ھلي.ويل پري ناھي جڏھن وڏو وزير پڻ ڌارين منجھان ھوندو!سنڌ سرڪار کي گھٽ۾ گھٽ پنھنجي پير تي ڪهاڙو نه ھڻڻ کپي.