اسلام آباد پاران سنڌ ۾ ڪشميرن کي وَسائڻ (آبادڪڻ) جا سانباها ڪڏھن کان پئي ٿيا ان جي سڌ ناھي،پر ڳالھه تڏھن ڦاٽ کاڌو جڏھن سنڌ لينڊ يوٽيلائيزيشن صوبي جي مڙني ڊپٽي ڪمشنرن کي سرڪاري خط وسيلي لاڳاپيل ضلعن۾،ڪشميري پناهگيرن کي وسائڻ لاءِ زمين جي موجودگي لاءِ پڇيو.
#NoMoreRefugeesInSindh
ھڪ رپورٽ پٽاندڙ ، لڳ ڀڳ 40 ھزار ڪشميري پناهگير، والاريل ڪشمير کان ڀڄي ، آزاد ڪشمير ۾ نيلم ندي جي ٻنھي ڪنڌين تي 1989 کانوٺي رھن پيا جن کي پيٽ پالڻ لاءِ مظفرآباد 9000 روپيا مھينو پڻ ڏيندو پيو اچي. انھن پناهگيرن منجھ 75 سيڪڙو پھاڙي (پوٽوھاري)، 20سيڪڙو گجر ۽ رڳو 5سيڪڙو ڪشميري آھن.
ڪشميري پناهگيرن کي سنڌ ۾ وسائڻ لاءِ، سنڌ لينڊ يوٽيلائيزيشن/بورڊ آف ريونيو پاران لکيل خط جي جواب ۾ ، ڊپٽي ڪمشنر سجاول، جاتي/شاھ بندر جي سامونڊي پَٽ ۾ 6 ھزار ايڪڙ واندي ھجڻ جا انگ اکر اماڻي پڻ ڏنا
جيتوڻيڪ مراد علي شاهه ڪشميرين جي صوبي ۾ اھڙي آبادڪاري کي اخباري بيان وسيلي رد ڪري ٿو. پر ٻئي پاسي قانوني/آئيني ماھر بئريسٽر ضمير گھمري موجب صوبي جو ڪوبه ڪامورو، وڏي وزير جي ھامَ کانسواءِ وفاقي سرڪار جي حڪمن کي اڳتي /ھيٺ لاڳو نٿو ڪري سگھي.
وفاقي سرڪار جي ڪشمير وزارت پاران ٿيل اجلاس جي جاري ڪيل متن ۾ پڻ اھو ڄاڻايو ويو آھي ته ڪشميري پناهگيرن کي پنجاب، ڪي پي ۽ سنڌ ۾ وسايو ويندو ۽ کين گذاري لاءِ ٻنيون پڻ ڏنيو وينديون جنھن ۾ سنڌ جي بورڊ آف ريونيو جو ميمبر پڻ اھڙي ميٽنگ جو ڀاڱو رھيو آھي.
ھڪ پاسي سنڌ سرڪار جو نمائندو اسلام آباد ۾ رٿيل ڪشميري پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ بابت گڏجاڻين ۾ شرڪت پيو ڪري ته ٻئي پاسي وڏو وزير ان ڳالهه کي باسي ئي نٿو.سنڌ سرڪار جي اھڙي ھلت/ٻيائي تي عوام سخت ڪاوڙيل آھي ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ ڌاري آبادڪاري خلاف سوشل ميڊيا تي ساندھ احتجاج ڪري رهيو آھي.
سنڌ ۾ ڌارين کي وسائڻ نئين ڳالهه ناھي.پاڪستان ٺھڻ سان صوبي منجھ ڌارين جا ڪٽڪ ھڪ رٿابندي ھيٺ اچي آباد ٿيا
ته جيئن سنڌين کي اقليت ۾ مٽائجي.2018 جي آدمشماري پٽاندڙ صوبي جا 62 سيڪڙو ماڻھون سنڌي وڃي بچيا آھن جڏھن ته 20 سيڪڙو،ھندڪو/پنجابي/ڪشميري سرائيڪي،بنگالي،بھاري،برمي ۽ ٻيا رھن ٿا.
سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري نه رڳو ڌرتي ڌڻين جا معاشي حق ڦٻائي ٿي پر ڌارين جو وڌندڙ انگ سياسي حق پڻ کسڻ لاءِ آتو ويٺو آھي.ورھاڱي پڄاڻان نه رڳو سنڌين کان شھر کسجي ويا پر ٻولي پڻ وئي ھلي.ويل پري ناھي جڏھن وڏو وزير پڻ ڌارين منجھان ھوندو!سنڌ سرڪار کي گھٽ۾ گھٽ پنھنجي پير تي ڪهاڙو نه ھڻڻ کپي.

• • •

Missing some Tweet in this thread? You can try to force a refresh
 

Keep Current with کاهوڙي

کاهوڙي Profile picture

Stay in touch and get notified when new unrolls are available from this author!

Read all threads

This Thread may be Removed Anytime!

PDF

Twitter may remove this content at anytime! Save it as PDF for later use!

Try unrolling a thread yourself!

how to unroll video
  1. Follow @ThreadReaderApp to mention us!

  2. From a Twitter thread mention us with a keyword "unroll"
@threadreaderapp unroll

Practice here first or read more on our help page!

Did Thread Reader help you today?

Support us! We are indie developers!


This site is made by just two indie developers on a laptop doing marketing, support and development! Read more about the story.

Become a Premium Member ($3/month or $30/year) and get exclusive features!

Become Premium

Too expensive? Make a small donation by buying us coffee ($5) or help with server cost ($10)

Donate via Paypal Become our Patreon

Thank you for your support!

Follow Us on Twitter!