Jabbar Pirzado Profile picture
Mar 2 30 tweets 6 min read
شيخ اياز جي شاعري ۾ مزاحمتي پھلو
سهندو ڪير ميار او يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

جهول جَهلي جنهن وقت ڀٽائي،
ڪرندا ڪنڌ هزار، او يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

نيٺ وڍيندڙ وڍ جي ويندا،
ڪنڊي نيٺ ڪٽار او يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!
نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي،
دوکي جي ديوار، او يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

گهڙا کڻي گهڙنديون سَوَ سُهڻيون،
مَرندا سَوميهار او يار،
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

سير جي سئن هڻي ڏس چارڻ،
ٻيجل ٿي ٻيهاراو يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.

اياز
#مزاحمت
ڪي جيءُ وِجھن ٿا جاڙن ۾،
۽ جھاڳي پنڌ پهاڙن ۾،
ٿا شرڌا سان ڪيلاش ڏسن؛
ڪي ڏس ته قواليون ڳائن ٿا
۽ پيِرن کي پڙ پائِن ٿا
ٿا داتا جي درٻار وڃن
۽ ڀيرو پنهنجو ڪون ڀڃن...

اياز
ڇا ڪِيچڙ ڪيِچڙ ڪِيڙا آ!
جا ديس سڄي جي پِيڙا آ!
ڪنهن سوچِي آ ڪنهن ڄاتِي آ؟
ڪنهن ان ۾ جھاتِي پاتِي آ؟
هِي جيءُ جڏهن آهي جُٺ ۾،
انگريز بهادر جي پُٺ ۾،
هِي راءِ بهادر ها ها ها!
هِي خان بهادر آ ها ها!
هي ويهِي روز فِرنگيءَ سان
سڀ ڪارا ڀُوري ڀنگيءَ سان
ڪي ٺاه ٺڳيءَ جا ٺاهِن ٿا،
ڇا سوچِن ٿا ڇا چاهِن ٿا...

اياز
هِي مُڪتي آ، هي ڀڳتي آ،
هِي بم گولو سا شڪِتي آ،
جا ناهي ڪنهِن جپ تپ ۾
هِي بم گولو مُنهِنجِي لپ ۾
سو دُشٽ اُڏائي سگھندو آ
سو راوڻ گھائي سگھندو آ...

اياز
هي ڪُوڙو ڍونگ اهنِسا جو
جو ڪنهِن کي ڪون ڪندو آجو...
وري چوي ٿو ته
هِي ڀونءِ نه ٿِيڻي آ آجي
اڄ وِڙهڻو آ اڄ وِڙهِڻو آ...
جو پوڙهي جُھور سِياست جي
سو سالن مُور نه پاتو آ
اڄ ماڻُهو ما ڻهُو ٻاتو آ
هي بم ڌماڪي سان ڦاٽِي
هر تارونءَ کي تڙِڦائِيندو
۽ اُڀِري هرِڪو ڳائِيندو
ڪي گِيت انوکا ڌرِتيءَ جا
۽ کڻندو جوکا ڌرتيءَ جا
۽ آزاديءَ جي سئِن هڻِي
هر ڏيهِي ٿيِندو ڏيه ڌڻي...

اياز
اچُ سڀئِي گڏِجي قول ڪرِيُون
بس سڀ ڪُجھ ڊاوان ڊول ڪرِيون...
اڄُ اُٿِڻو آهي شيِنهن جِيان
ڪنهِن آنڌِي آندل ميِنهن جِيان
۽ ٻوڙان ٻوڙ اُسهڻو آ
ها تابڙ توڙ اُسهڻو آ...

اياز
جي ڪو ئي چاهي آزادي
ڪا چُوري نا هي آزادي
جو ڳِنهندو هو گِهه َ ڳرانديءَ کي
هيءَ اڻ سرندي هر سرنديءَ کي

اہاز
انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

جيئن زمين آسمان،
جي کلي پئي زبان،
ڪُنڊ ڪُنڊ، چونڪ، چونڪ،
شهر شهر، ڳوٺ، ڳوٺ،
جيئن ڏئي اُٿي جواب انقلاب!
انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.

هي به ڪو نياءُ آ،
جو مزدور ڀاءُ آ،
سولهَو پيئي پيو،
جنهن سبب جيئي پيو،
سو پيئي پيو شراب!انقلاب،
انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.

ڌوڏهن سماج کي،
لوڏ سامراج کي،
ٺاهه سو نئون نظام،
جو چڱو چئي عوام،
هي نظام آ خراب، انقلاب!
انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.

ڳاءِ ڳاءِ نوجوان!
جيئن زمين آسمان،
جي زبان کُلي پئي،
زندگي اُٿي چئي،
انقلاب انقلاب انقلاب،
انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
سُتي ساهه جاڳي،
وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين جا سوين قافلا رهه گذر ۾،
سفر ۾،
سوين ڪائناتون،
نه آغاز جن جو، نه انجام جن جو،
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
ازل کان ابد تائين سُک جون براتون،
جڏهن موٽ کائون،
سوين راز آڻيون،
سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون،
سوين چنڊ چايون،
ستارا تڳايون،
انهن سان اچي جڳ سڄو جڳ مڳايون،
اسين جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين.

اياز
سچ وڏو ڏوهاري آ

روز ازل کان پڪڙيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،
ڪڏهن زهر پياريو ويو آ،
ڪڏهن ڦاهي چاڙهيو ويو آ،
تيل ڪڙهائي ڪاڙهيو ويو آ،
گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ،
چُوٽي تان اڇلايو ويو آ،
ها پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي،
رهندي آئي ريت اڀاڳي،
جنهن جي مَن ۾ کاٽ هڻي ٿو
تنهنجو سارو چين کڻي ٿو!
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ،
پر تو ڪڏهن هي سوچيو آ،
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي،
سچ وڏو ڏوهاري آهي.
جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽُو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي،
اي دنيا ڀرجا محڪومو!
اي مظلومو!
جي محڪوميءَ مان ڪو به ڇُٽو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي،
ڪنهن هنڌ به منهنجي قاتل جا،
جي هٿُ لڏيا،
ڀل مون کي ڏي ڪيڏو به گُهٽو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منهنجي گردن هَلڪي ٿي.

اياز
جي هانءُ نه هارين ڪو هيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين،
ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.

ڪنهن لاءِ تڪين ٿو ڪنڌيءَ تان ٻي پيڙي ڪا به نه اچڻي آ،
جي تون به اچين او وڻجارا، تو کي به اُڪاري وينداسين.
درياهه اندر جا دهشت آ ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي،
تون مان ته رڳو هن سنڌو تي، ڪا لهر اُڀاري وينداسين.

ڪا جهرمر جهرمر جگنو جي، ڪا ٽم ٽم ٽم ٽم ٽاري جي،
گنگهور گهٽا جو گهيرو آ، ڪنهن جي نه سهاري وينداسين.
آمرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي، پر هينئن نه مرنداسين ساٿي،
ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

اياز
سنڌ ديسَ جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيسُ نمايان،
مٽي ماٽي لايان.

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، توکي چشمن چايان،
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا، بيت به تنهنجا ڀايان،
جيءَ جيءُ جيجل! جيءُ جيءُ جيجل تو کي ڪيئن لنوايان،
سارا سڏ پڙاڏا تنهنجا وائيءَ ۾ ورنايان.
سُر سُر ڄڻ سانوڻ ۾ سنڌو لهر لهر لڪايان،
رم جهم رم جهم راڳ انهن سان ٿر بر باهه لڳايان،

ڪالهه مَليران مهڪ اُٿي جا نگر نگر ڦهلايان،
ڏٿ به پنهنجو ڏيهه به پنهنجو مارو شال مِلايان.

تنهنجيءَ مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان،
سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان.
مٽي ماٽي لايان.
پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو، اڀ تائين جهوليندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو.

رَت جو بدلو رَتُ ئي آهي، هر ڪو بدلو ڏيندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو.

آر تي رات نه رهندي اوڳا! روح نه ڪو روئيندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو.

ڪائي آ رهي اک نه هوندي، لُڙڪ نه ڪو لاڙيندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو.
ڏٿ به تنهنجو ڏيهه به تنهنجو، ڪو تو کان نه کسيندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو.

اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي! اهڙو ڏينهن به ايندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو.

اياز
بي مُوت مُئا، تو لاءِ ڪٺا انسان هزارين مان نه رڳو،
هن دنيا ۾ اي ديس هيا نادان هزارين مان نه رڳو.

جي راه اجل ڪنهن ورتي آ، هن ڀون ۽ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
هي ڌر تي توکي پرتي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو.

اک ساري رات نه جهپڪي آ ۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ،
جي باک گُهري ٿي بُک، ته اي زندان هزارين مان نه رڳو.

ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري،
آ ڪيڏو پويون پَهر پري! حيران هزارين مان نه رُڳو.

تون چئه نه ڪڇان تون چئه نه لڇان، پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان،
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين اعلان هزارين مان نه رڳو.
هي دور ”اياز“ گذرڻو آ ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،
ڪو ٻارڻ نيٺ ته ٻرڻو آ، امڪان هزارين مان نه رڳو.

اياز
هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو

پنڌ پري هو،
ڪير ڪري هو،
واٽ اَواٽي،
ڏيل ڏري هو،
پوءِ به پرينءَ جو پنڌ ڀَلو هو،
هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو.

پار نه پيرو،
دڳ نه ديرو،
رات گهٽائين،
دور سويرو،
ڪَر هَلڙو ڙي، جيءُ جَهلو هو،
هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو.
سانولڙيءَ جو،
ڳيچ چئو ڪو،
سانت بُري آ،
سانت ڪيو ڇو،
گونج اُڀاري، ڪا ته گلو هو!
هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو.

اياز
#مزاحمت
(سيشن لاءِ گڏ ڪيل مواد، جيڪو سيشن نہ ٿي سگھيو 2 مارچ رات 10 وڳي وارو)

• • •

Missing some Tweet in this thread? You can try to force a refresh
 

Keep Current with Jabbar Pirzado

Jabbar Pirzado Profile picture

Stay in touch and get notified when new unrolls are available from this author!

Read all threads

This Thread may be Removed Anytime!

PDF

Twitter may remove this content at anytime! Save it as PDF for later use!

Try unrolling a thread yourself!

how to unroll video
  1. Follow @ThreadReaderApp to mention us!

  2. From a Twitter thread mention us with a keyword "unroll"
@threadreaderapp unroll

Practice here first or read more on our help page!

More from @SahilSindhii

Nov 8, 2021
اسان سان مسئلو هي آهي ته اسان متاثر جي ڳڻتي ڇڏي، ان کي ڪهڙي موقف سان فائدو رسندو، ان ڳالهه جو خيال رکڻ بنا پنهنجي ذاتي رنجشون ڪڍڻ تي لهي ايندا آهيون، پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهيون ۽ خاص طور تي اصل جوابدارن تان ڌيان هٽائڻ واري روش ۾ جنبيل چند عنصرن جي سازش++
جو ڄاڻيندي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ شڪار ٿي ويندا آهيون ۽ پوءِ متاثرن کي انصاف ڏياري ناهيون سگهندا ۽ اصل جوابدارن بدران فرضي جوابدار قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي ويندا آهن ۽ اصل جوابدارن کي صرف سهولتڪاريءَ جي ڏوهه ۾ ڪا هلڪي ڦلڪي سزا لڳي سگهندي آهي، جيڪا به اهي ڪو ڏنڊ ڀري آزاد ٿي ويندا آهن++
ناظم جوکيي معاملي ۾ به صورتحال ڪجهه اهڙيءَ طرف ويندي نظر پئي اچي، سڌي سنئين ڳالهه آهي ڪوئي چوڪيدار يا نوڪر ڪيئن ٿو ڪنهن تي پاڻمرادو تشدد ڪري سگهي، اهو ته فقط حڪم جو غلام هوندو آهي، ڪنهن غلام هٿان ڪو ماڻهو قتل ٿيڻ تي ان غلام تي قانون لاڳو نٿو ڪري سگهجي، جنهن جي حڪم تي++
Read 7 tweets
Oct 18, 2021
سنڌ..!!
تو لاءِ لکندي ورهيه ٿيا هن
تو لاءِ وڙهندي ورهيه ٿيا هن
ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا هن
ڪيئي ڪونڌر کنڀجي مئا هن
پوءِ به ستل آ قوم اڀاڳي
صديون ٿي ويون ناهي جاڳي!
هوند هجي ها دولهه دريا
يا کڻي ڪو هيمون ڪالاڻي
يا هجي ها هوشو شيدي
يا کڻي پوءِ مخدوم بلاول
ڀل ته هجي ها راجا ڏاهر!++
ڪو به فرق ڪو نه پوي ها
ڀل ته سيد به موٽي اچي ها
وري ڪي فڪر جا اٺ لکي ها
قوم جو پوءِ به ڪجهه نه ٿئي ها
جيڪا سمجهڻ چاهي ئي نٿي سا
ڪجهه به چوڻ سان ڇا سمجهي ها
هن کي جيڪر سمجهڻو هجي ها
ورهيه نه ايترا سيد قيد ڪٽي ها
ويو وڏو به پنهنجي واري وڄائي
هڪ ڏينهن ۾ منصور جو آواز جاڳائي++
ويٺاسين پر ان کي به مارائي
ڪنهن جي ڪن تي نه جونءِ سري ٿي
هيءَ اڀاڳي قوم ساڳي ڪرت ڪري ٿي
ويتر ويٺي آڱريون انهن تي کڻي ٿي
انهن جي قسمت ڪير سڌاري!؟
ويٺا هن جي ضميرن کي ماري
ويڪائو ليکڪ، اديب ٿيا هن
ٿو هر ڪنهن جو ايمان وڪامي
ڪنهن کي ڌرتيءَ جو اونو ناهي
سڀ ڪو پنهنجو مستقبل ٺاهي++
Read 8 tweets
Oct 18, 2021
ڪاٿو لڳائڻ
ڪو به ڪم ڪرڻ کان اڳ ان جو ڪاٿو لڳائڻو پوندو آهي، جيئن اڪيڊمڪ پريڪٽيڪل ۾ اسان پريڪٽيڪل ڪرڻ کان اڳ تياري ڪندا آهيون، سامان، گهربل شين کي پورو ڪندا آهيون، پوءِ پريڪٽيڪل شروع ڪندا آهيون، ايئن ئي زندگيءَ جي هر پريڪٽيڪل ۾، اسان کي ڪوئي به قدم کڻڻ کان اڳ ڀرپور تياري ڪرڻي++
پوندي! پوءِ اها تعليمي شعبي جي چونڊ ڪرڻ لاءِ هجي، اها ڪو روزگار شروع ڪرڻ لاءِ هجي، اها ڪا نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ هجي يا کڻي ان جي پويان ڪو سياسي سماجي مقصد هجي، ڪو به مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين منصوبابندي ڪرڻي پوندي آهي. اسان اڄ به جيڪڏهن کٽل آهيون ته اهو منصوبابندي جي معاملي ۾ آهيون+
اسان کي هر معاملي ۾ سوچ ويچار ڪرڻو پوندو. حالتن جو ڪاٿو لڳائڻو پوندو. پنهنجي صلاحيتن جو جائزو وٺڻو پوندو. ته اسان ڪهڙي شئي بهتر نموني ڪري سگهون ٿا، هر انسان ۾ ڪا نه ڪا خوبي ضرور هوندي آهي، ان کي فقط اها ڳولڻي پوندي آهي. ضروري ناهي ته ڪامياب ٿيڻ لاءِ مون وٽ اڪيڊمڪس جا سرٽيفڪيٽ++
Read 15 tweets

Did Thread Reader help you today?

Support us! We are indie developers!


This site is made by just two indie developers on a laptop doing marketing, support and development! Read more about the story.

Become a Premium Member ($3/month or $30/year) and get exclusive features!

Become Premium

Don't want to be a Premium member but still want to support us?

Make a small donation by buying us coffee ($5) or help with server cost ($10)

Donate via Paypal

Or Donate anonymously using crypto!

Ethereum

0xfe58350B80634f60Fa6Dc149a72b4DFbc17D341E copy

Bitcoin

3ATGMxNzCUFzxpMCHL5sWSt4DVtS8UqXpi copy

Thank you for your support!

Follow Us on Twitter!

:(