Jabbar Pirzado Profile picture
Journalist #DailyPanhenjiAkhbar, Writer, RTs are not endorsement, Proud to be #Sindhi...
Oct 6, 2022 7 tweets 2 min read
ڀيٽا
استادن جي عالمي ڏهاڙي تي مان پنهنجي استادن کي ڀيٽا نه ڏئي سگهيس، ان لاءِ اڄ ڪجهه لفظ لکڻ چاهيان ٿو، پرائمري استاد هيڊ ماستر سائين خالق ڏنو، سائين ملوڪ ابڙو، سائين خادم سومرو، مڊل اسڪول ٽيچرز هيڊ ماستر سائين علي مردان پيرزادو، منهنجو فيوريٽ ڪلاس ٽيچر سائين نور محمد آريجو++ ميٿ ٽيچر سائين اختيار پيرزادو، سائين آفتاب قاضي، هاءِ اسڪول ٽيچرز هيڊ ماستر سائين مير پيرزادو، سائين عمر، فيوريٽ ڪلاس ٽيچر سائين ذوالفقار ڪولاچي، جنهن هميشه انسپائر ڪيو، بهترين فزڪس ٽيچر سائين ڌڻي بخش جتوئي، سائين عبدالقادر ساريو، سائين ميراڻي، انٽر ليڪچررز انگلش سائين ذوالفقار++
Sep 19, 2022 17 tweets 4 min read
ڌيان هٽائڻ جي ڪرمنل مائنڊ گيم! 🧵🧵
شروع شروع ۾ جڏهن برساتن نقصان ڪرڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي شهر کان رڳو انتظامي نااهلي جون شڪايتون پئي آيون، ڊرينيج نظام ناڪاره هئڻ جون شڪايتون پئي آيون، ڇو ته ڪي به اڳواٽ اپاءَ نه ورتا ويا هئا، پاڻي جي جيڪال جو نظام درست نه ڪيو ويو هيو، اهو ئي سبب++ هيو جو شهرن جا شهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هيا، ان برساتي پاڻيءَ سان گڏ ڊرينيج جو پاڻي به شامل ٿي ويو هيو! مطلب هر هنڌان رڳو انتظامي نااهلي جون خبرون پئي آيون، سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائر پئي ٿيون! جنهن جو فوري حل حڪمرانن کي ٻيو ته ڪو ڪونه سجهيو، ابتو هنن ”ڪرمنل مائنڊ گيم“ کيڏڻ شروع ڪئي+
Sep 19, 2022 5 tweets 2 min read
ڪجهه ڏينهن اڳ پرهه @PirehSindhi هڪ سوال رکيو هيو، (Adversity Quotient) بابت، جنهن جا جواب ملڻ بعد هن هڪ ٿريڊ به شيئر ڪيو هيو، پر ان سلسلي ۾ واقعي (مصيبت جو مقدار) ڄاڻڻ ۽ ان لاءِ اڳواٽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي، هڪڙا اپاءَ حڪومتي سطح جا ٿيندا آهن، ٻيا اپاءَ سماجي سطح جا! جيڪو اسان جي وس ۾ ناهي، ان تي في الحال بحث نٿا ڪريون. پر جيڪو اسان ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن ان تي ٿورو ڌيان ڏجي ۽ ان سلسلي ۾ منظم ڪا حڪمت عملي يا سماجي تنظيم سنڌ سطح جي جوڙجي، جنهن جو لنڪ ۽ ڪارج عالمي سطح جو هجي، جنهن کي عالمي فنڊنگ ٿي سگهي، جهڙوڪ ايڌي ۽ ڇيپا وغيره ته اسان به ڪجهه++
Aug 23, 2022 13 tweets 4 min read
سنڌ کي ڪنهن جي امداد، ڪنهن جي مالي مدد، ڪنهن جي رحم جي نظر جي ضرورت ناهي، سنڌ کي جيڪڏهن ڪا ضرورت آهي ته فقط ۽ فقط مالڪي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن هر ڌرتي ڌڻي، فقط پنهنجي علائقي پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي گهر جي حفاظت ڪرڻ شروع ڪري ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ وٺي ته هوند سانحا نه ٿين! اهڙا سانحا هاڻي هر ڏهاڪي بعد يعني 2011 کانپوءِ هيءَ يعني 2022 جي، ان ئي سطح جي وڏي برساتي ٻوڏ آهي، جنهن سان لکين گهر تباهه ٿيا، ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿيون، ڪيترو ئي سنڌ جو شهري توڙي ٻهراڙي انفرااسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، موسمياتي تبديلين سبب اهو سائيڪل هاڻي هر ڏهه سالن بعد++
May 12, 2022 14 tweets 4 min read
ڊيمز جي حقيقت!
ڇا توهان کي خبر آهي ته دنيا ڊيمز جي فارمولا کي مدي خارج ۽ ماحوليات دشمن قرار ڏئي چڪي آهي، نون ڊيمز جا پراجيڪٽ ختم ٿي چڪا آهن ۽ پراڻن ٺهيل ڊيمز مسمار ڪيو پيو وڃي، اسان جا پاڪستاني هونئن ته هر ميدان ۾ پٺتي آهن، پر سائنسي حقيقتون تسليم ڪرڻ ۾ به تمام گهڻو پٺتي آهن++ ٻيو ته ٺهيو پر ڊيمز جي سلٽنگ "Silting" تي به ان جي فائدو ڏيڻ کان وڌيڪ خرچ ٿئي پيو.2010 واري ٻوڏ ڪنهن کان ڳجهي ناهي، جنهن ۾ انهن جا ڀڀ ڀريندڙ ڊيم ئي انهن جي لاءِ موت جو سامان کڻي پئي آيو، تربيلا ڊيم تي اڃا ٿورو دٻاءُ وڌي ها ته جهڙي ان جي لوڪيشن آهي، سموري پنجاب کي لوڙهيون اچي ها++
May 10, 2022 4 tweets 2 min read
اسان محبتن کي مانُ ڏيڻ وارا ماڻهو
دليون رنجائڻ کان ڪوهين ڏور
زمين تي گهمندڙ جيت جڻين کي به ڏسي گهمڻ وارا
متان ڪٿي ڪنهن ساهه واري تي لتَ اچي وڃي
اهڙا عدم تشدد وارا اسان سنڌي
ايئن ته غلاميءَ جي زنجيرن ۾ وڪوڙيا ويا آهيون
جو هاڻ ته جيئڻ جو بنيادي حق پاڻي به++ اسان لاءِ اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي!
اهو ڏينهن پري ناهي
جو هڪ ڏينهن تاريخ ۾ اهو پڙهايو ويندو ته
هتان ڪڏهن سنڌو درياهه وهندو هيو
ان سموري وارتا جي پويان ڪوئي ٻيو نه
اسان جا ڀاڙيا حڪمران هوندا
جيڪي اهو چوندي نه پيا ٿڪجن
ته پاڻي کوٽ پٺيان پنجاب جو هٿ نه آهي
پاڻي ورڇ 91ع ٺاهه موجب نه ٿي ته+
Apr 10, 2022 15 tweets 4 min read
مان ايم ڪيو ايم جو ڪٽر مخالف آهيان، پر هڪ ڳالهه ۾ کين سلام آهي، جيئن ته مان قومپرست آهيان، ۽ مون کي فخر آهي، ان حساب سان ايم ڪيو ايم جي قومپرستي کي سلام آهي، اهي ڪيئن نه پنهنجي ووٽر سان سچا آهن، ڪيئن نه هر موڙ تي پنهنجي ووٽرن لاءِ آواز اٿارين ٿا، انهن جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، ٻئي++ طرف پيپلز پارٽي آهي، جيڪا سنڌ ڪارڊ جي بنياد تي جڏهن کان پاڪستان ٽٽو آهي، سنڌ جي مينڊيٽ تي سدائين حڪومت ٺاهيندي رهي آهي، وفاق مان ته هاڻ تڏا ويڙهه ٿي چڪي اٿس، پر جهڙي قسم جا قدم کڻي رهي آهي، لڳي ٿو سنڌ مان به تڏا ويڙهه جو وقت اچي ويو اٿن.. هاڻي به وقت ناهي ويو، جيڪڏهن اهي ٿورو++
Mar 25, 2022 28 tweets 6 min read
حياتي جل اَجل ناهي
حياتي جل اَجل ناهي، مٽي هڏ ماهه آ پنهنجو
سنڌوءَ جي ساهه سين پل پل، سلهاڙيل ساهه آ پنهنجو

هماليه جو بدن ڪوري، ڪري ڪڙڪاٽ نڪري ٿي
هٺيلا بند ڪل ٽوڙي، بڻائي واٽ نڪري ٿي
لتاڙي لوڀ جا ليڪا، سليقا سنڌ سان جوڙي
ڪري گجگوڙ سامُهن ٿي، فريبن جا ڦندا لوڙهي++ سدا بيتاب ساگر لئه، ڊُڪي آ پئي رُڪي ناهي
سندءِ آ سنڱ آفاقي، ڪڏهن ٿي بي تڪي ناهي
ميارون مينهن تي ناهن، نڪي مهراڻ تي لوڪو!
نتيجا نيڳراڻيءَ جا، پلئه پيا پاڻ کي لوڪو!
ڀُريا ٿي بند جنهن ويلي، سويلي ڪين دوڳياسين
اجائي سوڙهه سنڌوءَ سان، ڪري اڄ سُور ڀوڳياسين++
Mar 25, 2022 12 tweets 3 min read
تخت نه منزل انت نه ڦاهي
نينهن نگر جو پنڌ پري آ، جام مٿي انجام نه ٿي دل!
تخت نه منزل انت نه ڦاهي، اڻٿڪ راهون اڻٿڪ راهي

وِينڍيون گجرا نيڻين ڪجرا، ڪاڪل ڪاڪل نيل ڪنول آ
کوڙ خماريون راج ڪماريون، نينهن نهارون ڇا ته عمل آ
ها! پر اُڃ اڻانگو جيون، سُڃ سفر سا ڀينگ به ساريو++ روز ڪنڀارا شوڪارا ڪن، واٽن تي واسينگ به وساريو
جيون ڌاريو وحشت ماريو، وک وک تي ٽڪراءُ پلئه آ
وشواسن لئه ڏنگ وهاٽئو، نِت نئون ڪو گهاءُ پلئه آ
ماڳ مٿي مَڳ مور ٽلن ٿا، بند ڳليون ۽ تاڪ هزارين
هِت هُت ماندا کوڙ ملن ٿا، تون نه رڳو بيباڪ هزارين++
Mar 25, 2022 8 tweets 2 min read
ڪاهه
اڄ وري انسان تي
حيوان ڪٽڪي ڪاهه ڪئي
چوطرف توپون کتل
جن جا کليل
آهن سدا منهن لوڪ ڏي
ڪير تن جي روڪ ٿئي
رت جا ريلا وهن ٿا
ڄڻ ته ڪي ڇيلا ڪُسن ٿا!
۽ انهن جي رت جو آ
رنگ پکڙيو جُوءِ ۾
ڪو نه ٿو پيرو کڄي
انسان ٿيو کيرو ڀڄي
واهرو ويري ۽ پيري
ٽئي گڏيا هڪ جان ۾
سي ڪيئن چوان انسان ۾++ نه بوءِ ڪا احساس جي
جن کي رتائون ماس ڀي
ڳاڙهو سُجهي ٿو ڪو پٿر
هر وار جنهن تي بي اثر
۽ بي خبر ڄڻ خون کان
۽ خون جي مضمون کان
بس خون ڄڻ پاڻياٺ آ!
ڪيڏو وهي ته به ماٺ آ!
هر ڄڀ ڄڻ ڪي ڪاٺ آ
هي ڪڙا ۽ قيد ڪارا
گهاوَ گهرا تاوَ سارا
جي صدين کان سُور بڻجي
۽ ڪٿي ناسور بڻجي++
Mar 23, 2022 7 tweets 2 min read
غزل
آءُ! جهاڳيون سامهان طوفان سڀ
راج! ڊاهيون ڏيهه جا زندان سڀ

رنگ شامل ناهه جنهن ۾ ڀونءِ جو
سي جلايون بي ڏپا ديوان سڀ

ڇا پسان سينگار اوگهڙ ٿي سُجهي
دنگ رهجي ٿا وڃن ارمان سڀ++ هي نگر ڄڻ ڪي چڙيا گهر ٿو لڳي
واڙجن ٿا هاءِ! هت انسان سڀ

ٿر به صوماليا ڏڪاريل زندگيون
بي حِسيءَ جي انتها ايوان سڀ

اضطرابيت جا پهر بيگانگي
ٿو رُلان وياڪل اڪيلو مان نه سڀ++
Mar 2, 2022 30 tweets 6 min read
شيخ اياز جي شاعري ۾ مزاحمتي پھلو
سهندو ڪير ميار او يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

جهول جَهلي جنهن وقت ڀٽائي،
ڪرندا ڪنڌ هزار، او يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

نيٺ وڍيندڙ وڍ جي ويندا،
ڪنڊي نيٺ ڪٽار او يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو! نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي،
دوکي جي ديوار، او يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

گهڙا کڻي گهڙنديون سَوَ سُهڻيون،
مَرندا سَوميهار او يار،
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

سير جي سئن هڻي ڏس چارڻ،
ٻيجل ٿي ٻيهاراو يار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.

اياز
#مزاحمت