ڀيٽا
استادن جي عالمي ڏهاڙي تي مان پنهنجي استادن کي ڀيٽا نه ڏئي سگهيس، ان لاءِ اڄ ڪجهه لفظ لکڻ چاهيان ٿو، پرائمري استاد هيڊ ماستر سائين خالق ڏنو، سائين ملوڪ ابڙو، سائين خادم سومرو، مڊل اسڪول ٽيچرز هيڊ ماستر سائين علي مردان پيرزادو، منهنجو فيوريٽ ڪلاس ٽيچر سائين نور محمد آريجو++
ميٿ ٽيچر سائين اختيار پيرزادو، سائين آفتاب قاضي، هاءِ اسڪول ٽيچرز هيڊ ماستر سائين مير پيرزادو، سائين عمر، فيوريٽ ڪلاس ٽيچر سائين ذوالفقار ڪولاچي، جنهن هميشه انسپائر ڪيو، بهترين فزڪس ٽيچر سائين ڌڻي بخش جتوئي، سائين عبدالقادر ساريو، سائين ميراڻي، انٽر ليڪچررز انگلش سائين ذوالفقار++
تنيو، فزڪس سائين يونس، ڪيمسٽري سائين جيوڻ، بايولاجي سائين شاهه محمد شاهه، ۽ ڪوچنگ تي منهنجو رول ماڊل ”ڏوڪري مشتاق بڙدي ڪوچنگ سينٽر“ جو بانيڪار سائين مشتاق بڙدي، جنهن هميشه سکندو رهڻ ۽ سڀني مضمونن تي عبور رکڻ جو درس ڏنو ۽ پاڻ مثال قائم ڪيو، انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان++
انهن جي محنت جو نتيجو آهي، جو زماني جون هيٺ مٿانهيون، جهڪائي ناهن سگهيون، انهن جي مهرباني آهي جو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهڻ ڄاڻان ٿو، ڪڏهن ڪنهن جي محتاجي ناهي ٿي، گهٽ ۾ گهٽ اهو ڄاڻان ٿو ته هنر رکندڙ کان هنر ڪيئن سکجي، سکجي ڪيئن؟ سکندو رهڻ گهرجي، اهو ئي سبب آهي جو، ڀل جنهن به فيلڊ ۾++
داخل ٿيندو آهيان، اتي پنهنجو پاڻ مڃائيندو آهيان.. جس لهڻن دنيا جا سمورا ٽيچرز، خاص طور تي پنهنجي ملڪ ۽ معاشري ۾ اهو عزت ۽ مقام نه ماڻي سگهندڙ، محدود وسيلن ۽ سائنسي، ٽيڪنيڪل سهولتن هوندي، ذهن تيار ڪندڙ استاد، جن جي محنت سان معاشري کي بهترين ڊاڪٽرز، انجنيئرز، آئي ٽي اسپيشلسٽ++
سائنسدان توڙي هر شعبي سان لاڳاپيل ماهر ماڻهو ملن ٿا، جيڪي دنيا کي بهتر کان بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا..

_عبدالجبار پيرزادو
_ساحل سنڌي

#HappyTeachersDay2022

• • •

Missing some Tweet in this thread? You can try to force a refresh
 

Keep Current with Jabbar Pirzado

Jabbar Pirzado Profile picture

Stay in touch and get notified when new unrolls are available from this author!

Read all threads

This Thread may be Removed Anytime!

PDF

Twitter may remove this content at anytime! Save it as PDF for later use!

Try unrolling a thread yourself!

how to unroll video
  1. Follow @ThreadReaderApp to mention us!

  2. From a Twitter thread mention us with a keyword "unroll"
@threadreaderapp unroll

Practice here first or read more on our help page!

More from @SahilSindhii

Sep 19
ڌيان هٽائڻ جي ڪرمنل مائنڊ گيم! 🧵🧵
شروع شروع ۾ جڏهن برساتن نقصان ڪرڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي شهر کان رڳو انتظامي نااهلي جون شڪايتون پئي آيون، ڊرينيج نظام ناڪاره هئڻ جون شڪايتون پئي آيون، ڇو ته ڪي به اڳواٽ اپاءَ نه ورتا ويا هئا، پاڻي جي جيڪال جو نظام درست نه ڪيو ويو هيو، اهو ئي سبب++
هيو جو شهرن جا شهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هيا، ان برساتي پاڻيءَ سان گڏ ڊرينيج جو پاڻي به شامل ٿي ويو هيو! مطلب هر هنڌان رڳو انتظامي نااهلي جون خبرون پئي آيون، سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائر پئي ٿيون! جنهن جو فوري حل حڪمرانن کي ٻيو ته ڪو ڪونه سجهيو، ابتو هنن ”ڪرمنل مائنڊ گيم“ کيڏڻ شروع ڪئي+
اهڙي ڪرمنل گيم، جنهن سان سڄو عوام جو ڌيان انتظامي نااهلي تان ڦيرائي سڄو جو سڄو ڏوهه قدرتي آفت تي وڌو وڃي، پر هنن کان اهو ڪرڻ ۾ به ڪافي غلطيون ٿيون، جيئن فلمن ۾ ڊائريڪٽر کان باريڪ غلطيون رهجي وينديون آهن، جيڪي پوءِ وقت بوقت ليڪ ٿينديون رهنديون آهن، بلڪل ايئن ئي، هنن به بلنڊر ڪيا+
Read 17 tweets
Sep 19
ڪجهه ڏينهن اڳ پرهه @PirehSindhi هڪ سوال رکيو هيو، (Adversity Quotient) بابت، جنهن جا جواب ملڻ بعد هن هڪ ٿريڊ به شيئر ڪيو هيو، پر ان سلسلي ۾ واقعي (مصيبت جو مقدار) ڄاڻڻ ۽ ان لاءِ اڳواٽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي، هڪڙا اپاءَ حڪومتي سطح جا ٿيندا آهن، ٻيا اپاءَ سماجي سطح جا!
جيڪو اسان جي وس ۾ ناهي، ان تي في الحال بحث نٿا ڪريون. پر جيڪو اسان ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن ان تي ٿورو ڌيان ڏجي ۽ ان سلسلي ۾ منظم ڪا حڪمت عملي يا سماجي تنظيم سنڌ سطح جي جوڙجي، جنهن جو لنڪ ۽ ڪارج عالمي سطح جو هجي، جنهن کي عالمي فنڊنگ ٿي سگهي، جهڙوڪ ايڌي ۽ ڇيپا وغيره ته اسان به ڪجهه++
ڪارائتا ٿي سگهون ٿا. خاص طور تي اسان جو انڊس بئراج سسٽم هاڻي ايڪسپائر ٿي رهيو آهي، ان جي بحالي ۽ حفاظت لاءِ هينئر کان ئي اپاءَ وٺڻا پوندا، ايئن نه ٿئي جو سنڌو پنهنجي پوري طاقت سان دنيا جي نقشي تان سموري شهري آبادي کي به ميٽي ڇڏي، سڄي سنڌ موهن جي دڙي جو ڏيک ڏيڻ لڳي! ان پاسي++
Read 5 tweets
Aug 23
سنڌ کي ڪنهن جي امداد، ڪنهن جي مالي مدد، ڪنهن جي رحم جي نظر جي ضرورت ناهي، سنڌ کي جيڪڏهن ڪا ضرورت آهي ته فقط ۽ فقط مالڪي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن هر ڌرتي ڌڻي، فقط پنهنجي علائقي پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي گهر جي حفاظت ڪرڻ شروع ڪري ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ وٺي ته هوند سانحا نه ٿين!
اهڙا سانحا هاڻي هر ڏهاڪي بعد يعني 2011 کانپوءِ هيءَ يعني 2022 جي، ان ئي سطح جي وڏي برساتي ٻوڏ آهي، جنهن سان لکين گهر تباهه ٿيا، ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿيون، ڪيترو ئي سنڌ جو شهري توڙي ٻهراڙي انفرااسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، موسمياتي تبديلين سبب اهو سائيڪل هاڻي هر ڏهه سالن بعد++
دهرائجندو رهندو، سائنس ٽيڪنالاجي کان مدد وٺي جيڪڏهن اهڙين آفتن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ نه ورتا ويا ۽ جيڪڏهن هر سنڌ جي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ ڏانهن قرض کي محسوس نه ڪيو ۽ هر سنڌي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ شروع نه ڪئي ته اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر موهن جي دڙي جيان هڪ مٽيءَ جو ڍير++
Read 13 tweets
May 12
ڊيمز جي حقيقت!
ڇا توهان کي خبر آهي ته دنيا ڊيمز جي فارمولا کي مدي خارج ۽ ماحوليات دشمن قرار ڏئي چڪي آهي، نون ڊيمز جا پراجيڪٽ ختم ٿي چڪا آهن ۽ پراڻن ٺهيل ڊيمز مسمار ڪيو پيو وڃي، اسان جا پاڪستاني هونئن ته هر ميدان ۾ پٺتي آهن، پر سائنسي حقيقتون تسليم ڪرڻ ۾ به تمام گهڻو پٺتي آهن++
ٻيو ته ٺهيو پر ڊيمز جي سلٽنگ "Silting" تي به ان جي فائدو ڏيڻ کان وڌيڪ خرچ ٿئي پيو.2010 واري ٻوڏ ڪنهن کان ڳجهي ناهي، جنهن ۾ انهن جا ڀڀ ڀريندڙ ڊيم ئي انهن جي لاءِ موت جو سامان کڻي پئي آيو، تربيلا ڊيم تي اڃا ٿورو دٻاءُ وڌي ها ته جهڙي ان جي لوڪيشن آهي، سموري پنجاب کي لوڙهيون اچي ها++
ٻيو ته ٺهيو، اسان جي پڙهيل لکيل سنڌين کي اها به خبر ناهي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺهڻ جو ڪارج ڇا هيو ۽ ان جو استعمال ڪهڙيءَ ريت ٿي رهيو آهي! پهرين ڳالهه واضح ڪندو هلان ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال هڪ ”فلڊ ڪئنال“ طور جوڙيو ويو هيو، جنهن جو مقصد صرف اضافي پاڻي کڻڻ هيو، جيڪو پنجاب پنهنجي++
Read 14 tweets
May 10
اسان محبتن کي مانُ ڏيڻ وارا ماڻهو
دليون رنجائڻ کان ڪوهين ڏور
زمين تي گهمندڙ جيت جڻين کي به ڏسي گهمڻ وارا
متان ڪٿي ڪنهن ساهه واري تي لتَ اچي وڃي
اهڙا عدم تشدد وارا اسان سنڌي
ايئن ته غلاميءَ جي زنجيرن ۾ وڪوڙيا ويا آهيون
جو هاڻ ته جيئڻ جو بنيادي حق پاڻي به++
اسان لاءِ اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي!
اهو ڏينهن پري ناهي
جو هڪ ڏينهن تاريخ ۾ اهو پڙهايو ويندو ته
هتان ڪڏهن سنڌو درياهه وهندو هيو
ان سموري وارتا جي پويان ڪوئي ٻيو نه
اسان جا ڀاڙيا حڪمران هوندا
جيڪي اهو چوندي نه پيا ٿڪجن
ته پاڻي کوٽ پٺيان پنجاب جو هٿ نه آهي
پاڻي ورڇ 91ع ٺاهه موجب نه ٿي ته+
سنڌ تاريخي ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي
سنڌ جون زرخيز زمينون
جيڪي سون ورنا فصل ڏين ٿيون
اهي بُٺُ بڻجي وينديون
سنڌ جو جَرُ جيڪو مٺو پاڻي مهيا ڪري ٿو
اهو پاڻي کارو ٿي ويندو
نه صرف زرعي بحران پيدا ٿيندو
پر معاشي بحران ۽ روزگار جو به مسئلو ٿيندو
ان کان اڳ جو اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿئي++
Read 4 tweets
Apr 10
مان ايم ڪيو ايم جو ڪٽر مخالف آهيان، پر هڪ ڳالهه ۾ کين سلام آهي، جيئن ته مان قومپرست آهيان، ۽ مون کي فخر آهي، ان حساب سان ايم ڪيو ايم جي قومپرستي کي سلام آهي، اهي ڪيئن نه پنهنجي ووٽر سان سچا آهن، ڪيئن نه هر موڙ تي پنهنجي ووٽرن لاءِ آواز اٿارين ٿا، انهن جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، ٻئي++
طرف پيپلز پارٽي آهي، جيڪا سنڌ ڪارڊ جي بنياد تي جڏهن کان پاڪستان ٽٽو آهي، سنڌ جي مينڊيٽ تي سدائين حڪومت ٺاهيندي رهي آهي، وفاق مان ته هاڻ تڏا ويڙهه ٿي چڪي اٿس، پر جهڙي قسم جا قدم کڻي رهي آهي، لڳي ٿو سنڌ مان به تڏا ويڙهه جو وقت اچي ويو اٿن.. هاڻي به وقت ناهي ويو، جيڪڏهن اهي ٿورو++
کان ڪم وٺن! ته اڄ به سموري سنڌ انهن جي پويان هڪ سمنڊ جيان اٿي پوندي، نه صرف سنڌ مان پر وفاق مان به انهن کي فتح سنڌي ڏياري سگهن ٿا، فقط شرط اهو آهي ته انهن کي ووٽر کي عزت ڏيڻي پوندي، انهن کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندڙن جو قدر ڪرڻو پوندو، انهن جي ضرورتن جو خيال رکڻو پوندو++
Read 15 tweets

Did Thread Reader help you today?

Support us! We are indie developers!


This site is made by just two indie developers on a laptop doing marketing, support and development! Read more about the story.

Become a Premium Member ($3/month or $30/year) and get exclusive features!

Become Premium

Don't want to be a Premium member but still want to support us?

Make a small donation by buying us coffee ($5) or help with server cost ($10)

Donate via Paypal

Or Donate anonymously using crypto!

Ethereum

0xfe58350B80634f60Fa6Dc149a72b4DFbc17D341E copy

Bitcoin

3ATGMxNzCUFzxpMCHL5sWSt4DVtS8UqXpi copy

Thank you for your support!

Follow Us on Twitter!

:(