سنڌي ٻوليءَ جو پھريون ويري رياست ٿي جنھن گھڻ قوميتي ملڪ ۾ رڳو اردو کي قومي ٻولي طور ٿاڦيو جيڪا ھتان جي ڏيھي رھاڪن لاءِ عربي ، فارسي جيان ڌاري ٻولي ھئي ۽ اڄ تائين رياستي ادارا پنھنجي ان ھوڏ تي قائم آھن.
#SindhiIsOurNationalLanguage
سنڌي ٻوليءَ جو ٻيو ويري سنڌ سرڪار آھي. جيتوڻيڪ 1972 سنڌي ٻولي ايڪٽ پڄاڻان، صوبي جي سرڪاري ٻولي سنڌي آھي پر تنھن ھوندي به سنڌي ٻولي کي صوبي ۾ لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آھي. سنڌ اسيمبلي، توڙي سرڪاري گڏجاڻين ۾ ٻوليءَ جو واھپو نه ھجڻ جيترو آھي.
@SindhCMHouse
#SindhiIsOurNationalLanguage
سنڌي ٻولي جو ٽيون ويري سنڌ جا سرڪاري ادارا آھن.انگريز سرڪار کان وٺي ھيل تائين رڳو ريلوي اسٽيشن تي سنڌي لکيل آھي.پر انکانپوءِ جيڪي نوان رستا،اسپتال،اسڪول ۽ آفيسون ٺھڻ ٿيون،انھن جي بورڊن تي سنڌي ٻولي ڳولھيو نه ملندي.پوليس ايف آي آر کي پڻ مٽيو ويو آھي
#SindhiIsOurNationalLanguage
سنڌي ٻولي جو چوٿون ويري سنڌ ۾ رھندڙ لاڏائو (مھاجر/پنجابي/پختون) آھن جن ورھين پڄاڻان پڻ صوبي جي قومي/ سرڪاري ٻولي کي پنھنجو نه ڪيو آھي. رھندو سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ کنيل وکن سان پيا مُھاڏو اٽڪائيندا يا وري پيا سَٽون سَٽيندا.
#SindhiIsOurNationalLanguage
سنڌي ٻوليءَ جو پنجون ويري شھرن ۾ رھندڙ سنڌي آھن جيڪي پنھنجن ٻارن کي رڳو انگريزي ۽ اردو ۾ لکڻ پڙهڻ ته سيکارن ٿا پر سنڌي سنڌي سيکارڻ لاءِ ڪي اپاءَ نٿا وٺن. جيتوڻيڪ اڄ ڊجيٽل دور ۾ ٻارن کي سنڌي ۾ لکڻ پڙھڻ سيکارڻ ڏاڍو سولو ٿي پيو آھي.
#SindhiIsOurNationalLanguage
سنڌي ٻوليءَ جو ڇھون ويري پاڪستان جي ميڊيا ۽ ان جا ڌڻي آھن جيڪي اردو ڌاران ٻئي ڪنھن پاڪستاني قومي ٻوليءَ ۾ چئنل نٿا کولين ته جيئن ڏيھي ٻولين جو پڻ واھپو وڌي جيڪو ھڪ آئيني فرض پڻ آھي.
#SindhiIsOurNationalLanguage
سنڌي ٻوليءَ جو ستون ويري سنڌي چئنل آھن جيڪي ٻوليءَ جي واڌاري بدران ان جي بگاڙ ۾ رڌل آھن.ڪنھن به چئنل منجھ ٻولي جي اوسر لاءِ ڪا ٻاري (سيڪشن) ڪونھي جيڪو اھڙين اوڻائين تي اک رکي.سنڌي چئنلن پاران ٻولي رڳو گھاڙيٽي ۾ ملندي باقي لفظ گھڻي ڀاڱي ڌاريا ھوندا.
#SindhiIsOurNationalLanguage
سنڌي ٻوليءَ جو اٺون ويري عام سنڌي ڳالهائيندڙ پڻ آھي جيڪو ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ، پنھنجي ٻارڻ کانسواءِ ھر ڪم لاءِ سرڪار ڏانھن واجھائي پيو.جيتوڻيڪ اسان وٽ قومي ڪردار آھن جن سنڌي لاءِ پاڻ پتوڙيو آھي. سنڌي سڃاڻپ ڪارڊ، ووٽر لسٽ ، گوگل سنڌي ۽ ٽوئٽر تي سنڌي ٽرينڊ سن جا اھڃاڻ آھن.

• • •

Missing some Tweet in this thread? You can try to force a refresh
 

Keep Current with کاهوڙي

کاهوڙي Profile picture

Stay in touch and get notified when new unrolls are available from this author!

Read all threads

This Thread may be Removed Anytime!

PDF

Twitter may remove this content at anytime! Save it as PDF for later use!

Try unrolling a thread yourself!

how to unroll video
  1. Follow @ThreadReaderApp to mention us!

  2. From a Twitter thread mention us with a keyword "unroll"
@threadreaderapp unroll

Practice here first or read more on our help page!

More from @khahori

14 Feb
اسلام آباد پاران سنڌ ۾ ڪشميرن کي وَسائڻ (آبادڪڻ) جا سانباها ڪڏھن کان پئي ٿيا ان جي سڌ ناھي،پر ڳالھه تڏھن ڦاٽ کاڌو جڏھن سنڌ لينڊ يوٽيلائيزيشن صوبي جي مڙني ڊپٽي ڪمشنرن کي سرڪاري خط وسيلي لاڳاپيل ضلعن۾،ڪشميري پناهگيرن کي وسائڻ لاءِ زمين جي موجودگي لاءِ پڇيو.
#NoMoreRefugeesInSindh
ھڪ رپورٽ پٽاندڙ ، لڳ ڀڳ 40 ھزار ڪشميري پناهگير، والاريل ڪشمير کان ڀڄي ، آزاد ڪشمير ۾ نيلم ندي جي ٻنھي ڪنڌين تي 1989 کانوٺي رھن پيا جن کي پيٽ پالڻ لاءِ مظفرآباد 9000 روپيا مھينو پڻ ڏيندو پيو اچي. انھن پناهگيرن منجھ 75 سيڪڙو پھاڙي (پوٽوھاري)، 20سيڪڙو گجر ۽ رڳو 5سيڪڙو ڪشميري آھن.
ڪشميري پناهگيرن کي سنڌ ۾ وسائڻ لاءِ، سنڌ لينڊ يوٽيلائيزيشن/بورڊ آف ريونيو پاران لکيل خط جي جواب ۾ ، ڊپٽي ڪمشنر سجاول، جاتي/شاھ بندر جي سامونڊي پَٽ ۾ 6 ھزار ايڪڙ واندي ھجڻ جا انگ اکر اماڻي پڻ ڏنا
Read 9 tweets

Did Thread Reader help you today?

Support us! We are indie developers!


This site is made by just two indie developers on a laptop doing marketing, support and development! Read more about the story.

Become a Premium Member ($3/month or $30/year) and get exclusive features!

Become Premium

Too expensive? Make a small donation by buying us coffee ($5) or help with server cost ($10)

Donate via Paypal Become our Patreon

Thank you for your support!

Follow Us on Twitter!