تفصيل: شڪارپور سنڌ ملڪ، 1255 هجري (1839 عيسوي)، ڪرنسي هڪ فلوس، ڌاتو ٽامو، وزن 180g گرئين کان 148g گرئين، قطر 26 م م، گولائي پر بيقاعدي.
سبتو پاسو: گولائي ۾ ٻُڙيون وچ سينٽر تي لکت "ضرب شڪارپور"
اُبتو پاسو: جلوس "1255 هجري"
ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ به شڪارپور ۾ ضرب خانو قائم رهيو آهي. شڪارپور جو نالو ضرب خاني طور هڪ ٽامي جي سڪي تي ڏٺو ويو آهي، جيڪو 1255 هجري (1839 عيسوي) جو آهي ۽ محمود شاھ جي نالي سندس مرڻ کان ڏھ سال پوءِ ۽ سدوزئين جي زوال کان ٻاويھ سال پوءِ جاري ڪيو ويو آهي.
ان متعلق آر - بي بي وائيٽ ھيڊ پنھنجي ڪئٽلاگ ۾ ذڪر ڪيو آهي، پر سال 1255 هجري (1839 عيسوي) جو هڪ ٽامي جو سڪو اھڙو هٿ آيو آهي، جنھن جي هڪ طرف ٻڙين واري گول دائري ۾ "ضرب شڪارپور" ۽ ٻئي پاسي "جلوس 1255 ھ" لکيل نظر اچي ٿو.
هن قسم جي لڌل سڪن جو وڌ ۾ وڌ وزن 180 گرين ۽ گھٽ ۾ گھٽ 148 گرين ۽ سائيز هڪ ۽ مُني انچ درمیان آهي. سن 1255 هجري ۾ بکر جي ضرب خاني مان سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جا محمود شاھ جي نالي جاري ڪيل چانديءَ جا سڪا مليا آهن.
جيئن ته شڪارپور به ان وقت ميرن جي حڪومت ۾ شامل هئي، ان ڪري ممڪن آهي ته اهو سڪو به ميرن جي طرفان جاري ڪيو ويو هجي ۽ هي اهوئي سڪو هجي، جنھن جو ذڪر آر - بي وائيٽ ھيڊ پنھنجي ڪئٽلاگ ۾ ڪيو آهي، پر ان جي تصوير نه ڏني اٿس ۽ نه ئي اهو ٻڌايو اٿس ته ان سڪي تي ڇا لکيل هو.
مٿي ذڪر ڪيل سڪن علاوه شڪارپور جو ٻيو ڪو به سڪو اڃا هٿ نه آيو آهي، پر شڪارپور ۾ ضرب خاني جي موجود هجڻ جي ثابتي ملڻ بعد پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته 1026 هجري کان 1255 هجري جي وچ واري عرصي دوران، جيڪو شڪارپور جي عروج ۽ مٿاهين مرتبي وارو دؤر هو،
هن ضربخاني مان ٻيا به ڪي سڪا جاري ٿيا هوندا، جيڪي اڃان تحقيق ڪندڙن آڏو ظاهر ٿي نه سگھيا آهن، پر اميد آهي ته هن سلسلي ۾ ٻيا به ڪيترا مثال ملندا،
جيڪي شڪارپور جي تاريخ جي باري ۾ اهم ۽ ڀروسي جھڙا دستاويز ثابت ٿيندا، جن جي آڌار تي شڪارپور جي آباد ٿيڻ ۽ حڪمرانن جي صحيح دؤر جو اندازو ڪري سگھبو.
(مقالو عبدالله ورياھ، مھراڻ 1985ع)
• • •
Missing some Tweet in this thread? You can try to
force a refresh
سنڌ تي ترخان حڪمران ۽ ٽڪسال ٺٽو جا سڪا، ۽ قلعو ماٿيلو مومل جي ماڙي (گھوٽڪي).
فلوس 984ھ (1576ع). وزن 2.40 گرئين. ٽڪسال جو هنڌ ٺٽو. ڌاتو ٽامو. بناوت سڌي. قطر 14.50م م. ڪنارا سڌا.
سڪي جا پاسا:
سبتو پاسو: ضرب فلوس بلده تتہ فلوس جي ف مٿان ۽ س جي هيٺان 984ھ (1576ع) لکيل آهي.
ابتو پاسو: گولائي تي ٻن ٽارين جي وچ ۾ زمين تي هلندڙ پکي (اندازن مور پکي). ٽڪسال جو سال 979ھ (1571ع). ٽڪسال جا وڌيڪ سال 1573ع کان 1577ع ۽ 1579ع کان 1580ع ۾ آهن
شاھ حسن ارغون 962ھ (1554ع) ۾ وفات ڪئي. کيس ڪو به پٽ نه هو، جنھنڪري سنڌ، سندس ٻن امير خاندانن ۾ تقسيم ٿي. اترئين سنڌ جو مرڪز بکر هو، سا سلطان محمود ڪوڪلتاش جي حوالي ٿي ۽ ڏاکڻي سنڌ مرزا عيسيٰ ترخان جي حوالي ٿي.