سنڌ تي ترخان حڪمران ۽ ٽڪسال ٺٽو جا سڪا، ۽ قلعو ماٿيلو مومل جي ماڙي (گھوٽڪي).
فلوس 984ھ (1576ع). وزن 2.40 گرئين. ٽڪسال جو هنڌ ٺٽو. ڌاتو ٽامو. بناوت سڌي. قطر 14.50م م. ڪنارا سڌا.
سڪي جا پاسا:
سبتو پاسو: ضرب فلوس بلده تتہ فلوس جي ف مٿان ۽ س جي هيٺان 984ھ (1576ع) لکيل آهي.
ابتو پاسو: گولائي تي ٻن ٽارين جي وچ ۾ زمين تي هلندڙ پکي (اندازن مور پکي). ٽڪسال جو سال 979ھ (1571ع). ٽڪسال جا وڌيڪ سال 1573ع کان 1577ع ۽ 1579ع کان 1580ع ۾ آهن
شاھ حسن ارغون 962ھ (1554ع) ۾ وفات ڪئي. کيس ڪو به پٽ نه هو، جنھنڪري سنڌ، سندس ٻن امير خاندانن ۾ تقسيم ٿي. اترئين سنڌ جو مرڪز بکر هو، سا سلطان محمود ڪوڪلتاش جي حوالي ٿي ۽ ڏاکڻي سنڌ مرزا عيسيٰ ترخان جي حوالي ٿي.
جنھن ٺٽي کي پنھنجو مرڪز ڪيو. سنڌ ۾ اهو ئي مرزا عيسيٰ ترخان پنھنجي ترخان گھراڻي جو باني هو.
مرزا عبدالعلي، جيڪو مرزا عيسيٰ ترخان جو والد هو، هو تنھن جي وفات بعد سندس فرزند مرزا عيسيٰ ترخان به ساڳيا پنھنجي پيءُ وارا لاڳاپا شاھ بيگ ۽ شاھ حسن سان قائم رکيا.
مرزا عيسيٰ جي وفات کانپوءِ سندس فرزند مرزا محمد باقي 974ھ (1566ع) ۾ تخت نشین ٿيو. هن سنڌ واسين تي طرحين طرحين جا ظلم ڪيا. آخر ديوانگيءَ جي عالم ۾ 993ھ (1584ع) ۾ خودڪشي ڪيائين.
مرزا عيسيٰ ترخان ٺٽي جي ضرب خاني مان پنھنجو ٽامي جو سڪو جاري ڪيو ۽ ان کي "عيسائي" جو نالو ڏنو. اهو سڪو به اڃان تائين ڪنھن جي نظر ۾ نه آيو هو ۽ نه ئي ان بابت ڪجھ لکيو ويو آهي.
جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته مرزا عيسيٰ ترخان جي حڪومت سنڌ تي 973ھ (943ع) تائين قائم رهي.
ان مان ظاھر ٿيو ته هيءُ ئي اهو سڪو "عيسائي" آهي جنھن کي فلوس سياھ به چوندا هئا. اها تاريخي حقيقت آهي ته اهي ساڳيا سڪا مرزا عيسيٰ جي پٽ مرزا باقي جي دؤر حڪومت ۾ به جاري رهيا.
مرزا عيسيٰ جي سڪن سان گڏ ڪي اھڙا به سڪا هٿ آيا آهن، جن تي سموري لکت ساڳي آهي، پر سن 974ھ کان 989ھ (1566ع کان 1581ع) تائين ملن ٿا جيڪي مرزا باقي ترخان جي دؤر جا ٺٽہ ۾ ضرب ڪيل سڪا آهن، جيڪي سنڌ ۾ رائج هئا.
مرزا عيسيٰ ترخان جي ڏينھن ۾ پورچوگيز ڊالر (تُنگي) ۽ گجرات جو سڪو لاڙي سنڌ ۾ رائج هو. مرزا عيسيٰ سنڌ جو پھريون حاڪم هو، جنھن پنھنجو سڪو "عيسائي" نالي جاري ڪيو هو. مرزا جاني بيگ ان جي قيمت ۽ سائيز گھٽائي مٿس پنھنجي نالي تي "ميري" نالو رکيو هو.
گھوٽڪي: اهي سڪا جيڪي ترخان حڪمرانن جي دؤر سان واسطو رکن ٿا، سي برسات جي موسم ۾ گھوٽڪي جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي جي قلعي جي آسپاس کان مليا آهن جيڪي ان وقت ۾ واپاري مقصد خاطر استعمال ٿيندا هئا ۽ اهي سڪا سموري سنڌ جي علائقن ۾ پڻ استعمال ڪيا ويندا هئا.
ڪتابي حوالا:
(الف) سنڌي ادبي ڇھ ماھي رسالو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1983ع صفحو 93 کان 94.
(ب) ترخان نامو ڇاپو ٻيو 2005ع مترجم سيد حسام الدين شاھ راشدي ۽ مرزا عباس علي بيگ، صفحو 1.
(ت) جنت السنڌ، ليکڪ رحيمداد خان مولائي شيدائي صفحو 433.
تفصيل: شڪارپور سنڌ ملڪ، 1255 هجري (1839 عيسوي)، ڪرنسي هڪ فلوس، ڌاتو ٽامو، وزن 180g گرئين کان 148g گرئين، قطر 26 م م، گولائي پر بيقاعدي.
سبتو پاسو: گولائي ۾ ٻُڙيون وچ سينٽر تي لکت "ضرب شڪارپور"
اُبتو پاسو: جلوس "1255 هجري"
ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ به شڪارپور ۾ ضرب خانو قائم رهيو آهي. شڪارپور جو نالو ضرب خاني طور هڪ ٽامي جي سڪي تي ڏٺو ويو آهي، جيڪو 1255 هجري (1839 عيسوي) جو آهي ۽ محمود شاھ جي نالي سندس مرڻ کان ڏھ سال پوءِ ۽ سدوزئين جي زوال کان ٻاويھ سال پوءِ جاري ڪيو ويو آهي.