فرانز ڪافڪا، جنهن ڪڏهن شادي نه ڪئي ۽ نه وري کيس ڪي ٻار هئا، چاليه ورهين جي عمر ۾ هڪ ڏينهن برلن جي پارڪ ۾ واڪ ڪري رهيو هو ته کيس هڪ ٻارڙي ملي جيڪا پنهنجي پسنديده گڏڙي وڃائجڻ سبب روئي رهي هئي. ان ٻارڙي ۽ ڪافڪا گڏجي گڏڙي کي ڳولهيو پر نه ملي. ڪافڪا ٻارڙي کي اهو چئي گهر موڪليو >>>
ته سڀاڻي اچجان ٻيهر گڏجي ڳولهينداسين. اڳئين ڏينهن جڏهن اهي گڏڙي کي ڳولهي نه سگهيا ته ڪافڪا ٻارڙي کي هڪ خط ڏنو جيڪو ان گڏڙي لکيو هو جنهن ۾ هن چيو: “روءَ نه. آئون دنيا گهمڻ لاءِ نڪتي آهيان ۽ توکي پنهنجي مهمن بابت خطن ذريعي آگاه ڪندي رهنديس.>>>>>>
اهڙي ريت هڪ ڪهاڻي جي شروعات ٿي جيڪا ڪافڪا جي حياتي جي آخري گهڙين تائين جاري رهي. ان کان پوءِ جي ملاقاتن ۾ ڪافڪا گڏڙي جا جي مهم جوئي بابت لکيل خط پڙهندو رهيو جيڪي ٻارڙي کي وڻڻ لڳا. آخرڪار هڪ ڏينهن ڪافڪا گڏڙي آڻر ڏنس جيڪا دنيا جو سير ڪري برلن موٽي آئي (اصل ۾ ڪافڪا هڪ نئين گڏڙي >>>
خريد ڪري آندي هئي). “هي گڏڙي پراڻي جهڙي نه آهي”. ٻارڙي چيو.
ڪافڪا کيس هڪڙو ٻيو خط ڏنو جنهن ۾ گڏڙي لکيو: “ سفر مون کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي”.
ٻارڙي گڏڙي کي هينئين سان لاتو ۽ کيس گهر کڻي آئي.
هڪ سال پڄاڻان ڪافڪا گذاري ويو.>>>>>
ڪيترن ئي سالن کان پوءِ، ٻارڙي جيڪا جوان ٿي چڪي هئي، کي گڏڙي جي اندر پيل هڪ خط مليو. ڪافڪا جي صحيح واري ان ننڍڙي خط ۾ هن لکيو:
“ هر اها شيءَ جنهن سان اوهين محبت ڪريو ٿا شايد وڃائجي ويندي آهي، پر آخر ۾ محبت شڪل مٽائي موٽي ايندي آهي”

• • •

Missing some Tweet in this thread? You can try to force a refresh
 

Keep Current with gobind

gobind Profile picture

Stay in touch and get notified when new unrolls are available from this author!

Read all threads

This Thread may be Removed Anytime!

PDF

Twitter may remove this content at anytime! Save it as PDF for later use!

Try unrolling a thread yourself!

how to unroll video
  1. Follow @ThreadReaderApp to mention us!

  2. From a Twitter thread mention us with a keyword "unroll"
@threadreaderapp unroll

Practice here first or read more on our help page!

More from @gobind_menghwar

11 Sep
1973 ۾ اڄوڪي ڏينهن تي پابلو نرودا جي وطن چلي ۾ سلواڊور اليندي جي چونڊيل سوشلسٽ ۽ جمهوري حڪومت جو جنرل پنوشي تختو اونڌو ڪيو هو. اليندي چلي جو پهريون سوشلسٽ صدر هو جيڪو 1970 ۾ هڪڙي سوشلسٽ-ڪميونسٽ اتحاد جو گڏيل اميدوار هو>>>
اليندي پنهنجي اقتدار جي ٽن سالن ۾ چلي جي ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين جي قبضي هيٺ آيل ۽ ملڪ جي ايڪسپورٽ جو 70 سيڪڙو حصو ڏيندڙ ڪاپر انڊسٽري کي نيشنلائيزڊ ڪيو. اليندي انهن ڪمپنين کي معاوضو ڏيڻ بجاءِ کانئن گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪاپر جي حد کان وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ تي قيمت ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو
اقتدار جي پهرين سال هن ملڪ جي 91 انڊسٽريز کي نيشنلائيزڊ ڪيو، هارين ۾ ساڍا پنج ملين ايڪڙ ٻنيون ورهايون، ورڪنگ ڪلاس کي پگهارن ۾ واڌارو ڪيو ۽ غريبن کي سٺي ڪوالٽي جا گهر ٺهرائي ڏنا.
ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين ڏٺو ته اليندي کي ائين ڇڏيو ويو ته هو خطي جي ٻين ملڪن لاءِ مثال بڻجي ويندو>>>
Read 6 tweets

Did Thread Reader help you today?

Support us! We are indie developers!


This site is made by just two indie developers on a laptop doing marketing, support and development! Read more about the story.

Become a Premium Member ($3/month or $30/year) and get exclusive features!

Become Premium

Too expensive? Make a small donation by buying us coffee ($5) or help with server cost ($10)

Donate via Paypal Become our Patreon

Thank you for your support!

Follow Us on Twitter!

:(